احمدپور لڳ مچ ڪچهري، فنڪارن ٻڌندڙن کي جهومائي ڇڏيو

احمدپور  ( ن ع آ ) احمدپور لڳ سنڌو درياءَ جي ڪپ تي ڳوٺ محمد اسماعيل ڪڙيو ۾ سردارغلام شبير ڪڙيو اوطاق تي مچ ڪچهري ٿي گذري، جنهن ۾ سنڌ جي مشهور صوفي راڳي عبدالحميد ميتلو سر وکيري ڪچهري ۾ ويٺل ماڻهن کي جھومائي ڇڏيو،  جڏهن ته مزاحيه فنڪار مير صوبدار سعيد لطيفا ۽ ٽوٽڪا ٻڌائي ڪچهري ۾ ويٺل ماڻهن کي کلائي کيرو ڪري ڇڏيو، ان موقعي تي سگھڙن ۽ شاعرن اديبن ممتاز رڏ، احمدعلي چانڊيو، ممتاز عباسي، غلام سرور سومرو، محرم اڄڻ ،الهوڌايو، چنيسر مڱڻيجو ۽ فاضل مهيسر ٻين ڏور، بيت ۽ ڳجھارتون پيش ڪري ڪچهري کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيا . جڏهن ته مهمان خاص طورآيل  سيد ممتاز علي شاهه راشدي ، لاڙڪاڻو پريس ڪلب جي جنرل سيڪريٽري غلام مرتضيٰ ڪلهوڙو ، سرفراز علي ڪوريجو، ايس ايڇ او گلوسيال منظور جھتيال ، عرض محمد جانوري، ظهير سومرو، اشفاق لهراڻي کي سنڌ جي سوکهڙي ٽوپيون اجرڪ اوڍايا ويا مچ ڪچهري ۾ مقررين محمد يوسف ڪڙيو ، جي ايم ڪڙيو، سونل ڪڙيو محمد اسماعيل ڪڙيو ۽ ٻين چيو ته مچ ڪچهريون سنڌ جي ڪلچرجو حصو آهن اهڙيون ٿيڻ سان ماڻهن جي محبت ۾ وڌارو اچي ٿو جڏهن ته مچ ڪچهري ۾ علائقي جي ماڻهن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.