مٽياري ۾ ڪشميرين سان ايڪتا لاءِ ريلي

مٽياري (ڊ ر) ڪشميرين سان اظهار يڪجهتي ۽ ڀارتي ظلمن خلاف ڊپٽي ڪمشنر مٽياري غلام حيدر چانڊيو جي هدايتن تحت اسسٽنٽ ڪمشنر مٽياري عبدالمجيد زهراڻي ۽ مختيارڪار مٽياري فهد خليل الله بلو جي صدارت ۾ ٽائون ڪميٽي مٽياري کان پريس ڪلب مٽياري تائين احتجاجي ريلي ڪڍي ويئي. ريلي ۾ ٽائون ڪميٽي مٽياري جي آفيس سپريڊنٽ قاضي خيرالبشر، جنيد احمد ميمڻ، نديم قائم خاني، شڪيل احمد ڏيٿو سميت شهرين شرڪت ڪئي.  يڪجهتي ريلي ۾ شرڪت ڪندڙن جي هٿن ۾ بينر ۽ پلي ڪارڊ هئا جن تي ڪشميرين سان اظهار يڪجهتي جا نعرا لکيل هئا. ريلي ۾ هر طرف کان ڪشمير ٿيندو پاڪستان، ڪشمير پاڪستان جي شهه رڳ آهي، پاڪستان زندهه باد ۽ انڊيا مرده باد جا نعرا گونجي رهيا هئا. ريلي ۾ شرڪت ڪندڙن کي خطاب ڪندي مختيارڪار مٽياري فهد خليل الله بلو چيو ته پاڪستاني قوم ۽ پاڪستاني فوج ڪشميري ڀائرن سان گڏ ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيٺل آهي ۽ اهي ڪنهن به جارحيت جو جواب ڏيڻ لاءِ تيار آهن. هن چيو ته اڄ اسان ڪشميري ڀائرن سان اظهار يڪجهتي جي لاءِ گڏ ٿيا آهيون.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.