سانگهڙ ۾ شهيد ذوالفقار ڀٽي جي سالگره تقريب

سانگهڙ (ڊ ر) سانگهڙ چانڊيو هائوس  ۾ پيپلز يوٿ آرگنائزيشن ڊسٽرڪٽ پاران  شهيد جهموريت قائد عوام ذوالفقار علي ڀٽو جي 93 هين جنم ڏينهن جي موقعي تي ڪيڪ ڪاٽيو ويو ان موقعيpyo ڊسٽرڪٽ سانگهڙ جي صدر عدنان نظاماڻي جنرل سيڪٽري اويس چانڊيو  انفارميشن سيڪٽري نعمان راجپوت  ممتاز پنهور  psf جي سينئر نائب صدر محمد علي خاصخيلي شرڪت ڪئي.  ان موقعي تي مڊيا سان اويس چانڊيو عدنان نظاماڻي  ڳالهائيندي چيو ته اڄ اسان پنهنجي عظيم ليڊر شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي سالگره ملهايون پيا جنهن پنهنجي عوام لاء شهادت ماڻي پر عوام جو ساٿ نه ڇڏيو هن چيو ته ملڪ کي هن وقت اهڙن ئي ڪردارن جي ضرورت آهي ڇو ته عمران خان جي سياست غريب عوام جا لاهه ڪڍي ڇڏيا آهن ملڪ ۾ مهانگائي عروج تي پهچڻ سبب غريب ماڻهو هڪ ويلي جي ماني ڳڀي لاء پريشان آهي اهو ذوالفقار علي ڀٽو هيو جنهن هارين , مزدورن ۽ پورهيتن جي ڳالهه ڪئي ۽ ملڪ ۽ قوم جي خدمت کي يقيني بڻايو جڏهين ته ان موقعي مير ڪاشف ٽالپر pyo ضلعي جو اڳواڻ ۽ پي پي هاري ڪميٽي جو تعلقي جو سينئر نائب صدر سردار نويد لغاري بھي شريڪ هئا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.