چوهڙ جمالي ۾ سنڌي ادبي سنگت جي چونڊ، ڪوي خاصخيلي سيڪريٽري  مقرر

چوهڙ جمالي( ن ع آ ) سنڌي ادبي سنگت شاخ چوهڙ جمالي جون. ساليانه چونڊون ٿي گذريون نوجوان شاعر اديب ۽ صحافي ڪوي خاصخيلي ساس چوهڙ جمالي جو سيڪريٽري  مقرر، سنڌي ادبي سنگت شاخ چوھڙ جمالي جون ساليانه چونڊون سينئير اديب ۽ تعليمدان محمد صديق ميمڻ ۽ ضلع جي رابط سيڪريٽري  علي حسن خاصخيلي جي نگراني ۾ ٿي گذريون جنهن ۾ متفقه طور تي نوجوان شاعر اديب ۽ صحافي ڪوي خاصخيلي  کي ساس شاخ چوهڙ جمالي جو سيڪريٽري چونڊو ويو. .گڏجاڻي ۾ شاه ڪوي. شهزاد ميمڻ .بچل جت.اسلم آزاد.مسرور رسول ميمڻ صابر چانڊيو.امتياز ميمڻ .محمد صديق ميمڻ ۽ ٻين شرڪت ڪئي.جڏھن ته بقايه عهدن لاء شاه ڪوي ڪائونسلر .شهزاد ميمڻ جوائنٽ سيڪريٽري .مسرور رسول ميمڻ    آڊيٽر .صابر چانڊيو خزانچي مقرر ڪيا ويا ۽ ڪاروباري ڪاميٽي ۾ سينير شاعر اديب شڪيل پارس. امتياز ميمڻ. بچل جت ۽ علي حسن خاصخيلي  کي چونڊيو ويو

سنڌ جي صحافين مان قلم جو درست استعمال جي اميد آهي: شفيق آرائين

ڊگهڙي(ن ع آ)انجمن آرائيان ميرپورخاص ڊويزن جي صدر محمد شفيق آرائين ۽ تعلقه صدر اخلاق احمد آرائين پريس ڪلب ڊگهڙي جي نئين چونڊيل باڊي کي مبارڪباد پيش ڪرڻ بعد صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته اسانکي اميد آهي ته توهان پنهنجي قلم جو صحيح استعمال ڪري عوام جي اميدن تي پورو لهندا،هنن چيو ته اسان پنهنجي تنظيم جي پليٽ فارم تان هن وقت ڊگهڙي شهر ۽ آس پاس جي ننڍن وڏن ڳوٺن ۾ مخلتف برادرين جي مستحق بيروزگار خاندانن کي پنهنجي گذر سفر لاء ريزڪي دڪان،چنگچي رڪشا،چانورن،برگر ۽ ٻين مختلف کاڌي پيتي جي شين جا گاڏا لڳائي ڏنا آهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.