لاڙڪاڻي ۾چوري الزام هيٺ عورت گرفتار، ڀاءُ جو ڳچيءَ ۾تئو وجهي احتجاج

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻي ۾ دڙي پوليس 6 ڏينهن اڳ شادي تقريب مان چوري ڪرڻ جي الزام هيٺ شهر جي مينهل آباد پاڙي جي رهواسڻ چئن ٻارن جي امڙ گهريلو ملازمه عورت سکان شيخ جي گرفتاري ۽ بااثرن خلاف عورت جي ڀاءُ ڳچيءَ ۾ تئو وجهي پريس ڪلب اڳيان پنهنجي وارثن سان گڏجي احتجاجي مظاهرو ڪري علامتي بک هڙتال ڪئي. ان موقعي تي گرفتار عورت جي ڀائرن هوش محمد، شمن پنهنجي پيرسن امڙ رضيه خاتون، گرفتار عورت جي ٻارن هڪ سال جي کير پياڪ ٻارڙي افيشن، 3 سالن جي پٽ دريا خان، 4 سالن جي ٻارڙي عليشا ۽ 10 سالن جي ڌيءَ شاهينه، ڀينرن زڪيه، زينب ۽ ٻين سان گڏجي دانهيو ته گذريل 30 ڊسمبر جي رات باقراڻي روڊ جي رهواسڻ شائسته شيخ جي ڏير اختر شيخ جي شادي تقريب هئي جنهن ۾ اسان جي ڀيڻ سکان کي گهرائي گهر جو ڪم ڪار ڪرايو ويو ان بعد ڀيڻ گهر هلي آئي. هنن الزام لڳايو ته شائسته شيخ جي مڙس اڪبر شيخ ۽ ڏير اختر شيخ ڀيڻ سکان مٿان 30 هزار روپيه روڪ رقم ۽ سون جي چوڙي چوري ڪرڻ جو الزام لڳايو جنهن تي دڙي ۽ وومين پوليس 3 جنوري جي رات گهر ۾ گهڙي سڄي گهر جي تلاشي ورتي ۽ حراسان ڪري ڌمڪايو ويو. هنن چيو ته گذريل رات دير سان دڙي ٿاڻي جي پوليس بغير عورت اهلڪارن جي ڀيڻ کي گرفتار ڪري ٿاڻي تي وٺي وئي جيڪا وڏي ناانصافي آهي، اسان جي ڀيڻ چوري ۾ ملوث ناهي ۽ نه ئي هن چوري ڪئي، ان جي باوجود بااثر ڀيڻ مٿان چوري جو الزام لڳائي اسان کي بدنام ڪري رهيا آهن. هنم لاڙڪاڻي جي ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي کي اپيل ڪئي ته معاملي جو نوٽيس وٺي گرفتار سکان شيخ کي آزاد ڪري بااثرن اڪبر شيخ ۽ اختر شيخ خلاف ڪاروائي ڪري تحفظ فراهم ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.