ڊي سي دادو اوچتو جوهي پهچي ويو، شڪايتن جا انبار

جوھي ( ن ع آ ) ڊپٽي ڪمشر دادو سميع الله شيخ اوچتو جوھي پھچي ويو، ڊي سي دادو تعلقي اسپتال جوھي جو دورو ڪري مختلف وارڊ ڏٺا جوھي اڪبر ميموريل لائبرري جوھي سب جيل  ميونسپل ڪاميٽي جوھي  نئين ٺھندڙ روينو آفيس جو پڻ ڪم جو معائنو ڪرڻ بعد اسسٽنٽ ڪمشنر جوھي ۽ مختيار ڪار جوھي جي آفيس ۽ ٻين شعبن جو دورو ڪيو  بعد ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر آفيس جوھي ۾ مختلف سرڪاري عملدارن سان گڏجاڻي ڪندي پڻ  ھدايتون ڏنيون ، ان موقعي تي اسسٽنٽ ڪمشنر جي آفيس آڏو شھري به گڏ ٿي ويا.  شھرين طرفان شھر ۾ سستي اٽي جا اسٽال نه لڳائڻ مھانگائي ڪاڇي جي ٺھندڙ روڊن جي پاسن مان مٽي کڄڻ تي موتمار کڏن شھرن ۾ صفائي سٿرائي نه ھجڻ گئس ۽ بجلي جي لوڊشيڊنگ سميت ٻين مسئلن تي دانھون ڪندي شڪايتون ڪيون,ڊي سي دادو کي لائبريري ۾,ايندڙ مختف سنڌي اردو انگريزي اخبارن جي گذريل ڇهن مهين کان ادائگي نٿيڻ ۽ پيئڻ جي پاڻي ۽ ٻين روز مره ۾ ڪم ايندڙ ڪمن جو خرچ نه ملڻ تي  تي شڪا يت ڪئي جتي ڊي سي دادو مختلف کاتن جي عملدارن کي سختي سان هدايتون جاري ڪندي چيو ته شڪايت جو موقعو عوام کي نه ملندو  جوهي ۾ واقع مسئلا وڌيل آھن

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.