ٺٽي ۾ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي سالگرهه

ٺٽو(بيورو چيف) پيپلز پارٽي ضلعي ٺٽي پاران قائد عوام شھيد ذوالفقار علي ڀٽو جي 93ھين سالگرھ تقريب ضلعي صدر صادق علي ميمڻ جي رھائشگاھ تي ملھائي وئي، سالگرھ تقريب ۾ ضلعي صدر صادق علي ميمڻ، امتياز قريشي، ضلعي ڪائونسل ٺٽو جي اڳوڻي چيئرمين غلام قادر پليجو، عبدالحميد پنھور، محمود عالم شاھ بخاري، جھانگير پالاري، تعلقي ٺٽي جي صدر عبدالحميد سومرو سميت ضلعي عھديدارن، ذيلي تنظيمن جي اڳواڻڻ ۽ جيالن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪري شھيد ذوالفقار علي ڀٽو کي ڀيٽا پيش ڪئي ۽ سالگرھ جو ڪيڪ ڪاٽيو. ان موقعي تي اڳواڻن چيو تہ دنيا جي عظيم ليڊر کي عقيدت ۽ سلام پيش ڪريون ٿا، شھيد ذوالفقار علي ڀٽو پوري عالم ۾ وطن عزيز پاڪستان جو نالو روشن ڪيو، شھيد ذوالفقار علي ڀٽو نہ صرف پاڪستان کي متفقہ آئين ڏنو پر امت مسلمہ کي گڏ ڪرڻ لاءِ ڀرپور ڪوششون ورتيون ۽ پاڪستان ۾ سياسي جذبو بيدار ڪيو. ھنن چيو تہ اسان فخر ٿا ڪريون تہ اسان شھيد ڀٽو جا سياسي سپاھي آھيون، شھيد ڀٽي جو فلسفو، مشن ۽ جدوجھد اسان لاءِ مشعل راھ آھي، پاڪستان ۾ اڄ بہ عوامي سياست آھي، جنھن جي بنياد بہ شھيد ڀٽي رکي ھئي. ھنن چيو تہ شھيد راڻي محترمہ بينظير ڀٽو ۽ موجودہ پارٽي قيادت ۾ انھي جذبي جي جھلڪ واضح نظر اچي ٿي، شھيد ڀٽي پنھنجي نذرانو بہ پيش ڪري ڇڏيو پر ظالم جي اڳيان جھڪڻ پسند نہ ڪيو ۽ ھميشہ لاءِ امر ٿي ويو، ڀٽي شھيد جو فلسفو اڄ بہ جاري آھي پر دشمن جي قبر بہ ويران آھي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.