ڪوٽڏيجي لڳ گاڏين مان ڦرلٽ، ڊرائيورن جو احتجاج

ڪوٽڏيجي ( ن ع آ  ) ڪوٽڏيجي ٿاڻي جي مختلف علائقن ۾ چوري ۽ ڦورن جون هڪ رات اندر 2 ڌار ڌار وارداتون گذريل رات دير  ڍسان ناروڍورو شگرمل روڊ تي نامعلوم هٿياربندن پاران روڊ بلاڪ ڪري ايندڙ ويندڙ گاڏين مان ڦر لٽ ڪري آساني سان فرار ٿي ويا ڊرائيورن اشرف علي ۽ ثناءُ الله جي اڳواڻي ۾ ڪوٽڏيجي ناروڍورو شگرمل روڊ تي احتجاج مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو احتجاج ڪندڙن چيو ته پوليس جي پڪٽ هجڻ باوجود پوليس پوليس غائب هئي، اسان ڏينهن رات اوڄاڳا ڪري پنهنجي ٻچڙن لاءِ گز سفر ڪيون ٿا هنن ايس ايس پي خيرپور کان مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي ڦر ڪيل پئسا ۽ سامان واپس ڪرائي انصاف ۽ ايندڙ ويندڙ مسافرن کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي ڪوٽڏيجي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي چورن جا پيراڍو ذريعي پيرا کيا جيڪو ڪجهه فاصلي تي ٿيٻا برادري جي گھرن ۾ لڳا جتان پوليس شڪ جي بنياد تي هڪ ڄڻو کي گرفتار ڪري هوڏانهن سياسي سماجي اڳواڻن پاران امن امان کي بحال ڪرڻ لاءِ هڪ ايماندار ايس ايڇ او مقرر ڪري شهرين کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.