گهوٽڪي ۾بدامني، 2 سولر پليٽون ۽ موٽرسائيڪل چوري

گهوٽڪي ( ڊ ر ) گهوٽڪي ۾ چورين جو آزار ڏينهون ڏينهن وڌي رهيو آهي گذريل رات جو ايريگيشن ڪالوني گهوٽڪي مان  نامعلوم چور اسسٽنٽ ڪينال عبدالستار قاضي جي ڪواٽر جي ڇت مٿان نامعلوم چور چڙهي ٻه سولر پليٽون کڻي ويا ،اهڙو اطلاع ٿاڻي تي ڏنو ويو آهي مگر پوليس ڪا به پيش رفت نه ڪئي آهي ، عبدالستار قاضي ميڊيا آڏو دانهيندي چيو ته جڏهن مون ڳولها ڪئي ته ڪٿي به چورن جا کر ظاهر نه ٿيا منهنجو پورو پورو شڪ داروغو نظير احمد مهر ملوث لڳي رهيو آهي اهڙي قسم جي مون ايس ڊي او ايريگيشن گهوٽڪي، انجنيئر گهوٽڪي ،ڊاريڪٽر ايريا واٽر بورڊ گهوٽڪي کي ڏني آهي پر هن مهل تائين بااثر داروغي تي ڪو به اثر نه ٿيو آهي. ٻي طرف گهوٽڪي جي ڏنگڙي واھ تي نامعلوم چور سي ڊي موٽر سائيڪل ماڊل 2017 جو لاڪ ٽوڙي موٽر سائيڪل چوري ڪري فرار ٿي ويا اهڙو اطلاع گهوٽڪي اي سيڪشن ٿاڻي تي موٽر سائيڪل جو  مالڪ قادر بخش ميراڻي ڏنو آهي . مگر پوليس ڪو به کڙ تيل نه ڪڍي سگهي آهي واضح رهي ته گهوٽڪي پوليس جي ڪارڪردگي زيرو هجڻ ڪري ڏوهن ۾ اضافو ٿي رهيو آهي گهوٽڪي سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن ،سول سوسائٽي جي نمائندن ڳڻتي ظاهر ڪئي آهي ته گهوٽڪي جو امن ڇو خراب ٿي رهيو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.