ميهڙ ۾ ساريون ڦر خلاف سيد برادري جو احتجاج

ميهڙ ( ن ع آ )  ميهڙ لڳ ڳوٺ ابو صمد جي رهواسي ۽ سيد برادري جي معزز شخصيت سيد حاڪم علي شاهه پنهنجي ساٿين  سان گڏ نادر علي چانڊيو، مرزاڻي، سيد سجاد حسين شاهه، حسين احمد لاشاري، رفيق احمد لاشاري ۽ ٻين دانهيندي چيو ته اٽڪل 39 ڏينهن اڳ ڳوٺ شمس الدين بلبل ڀرسان زرعي زمين 21 ايڪڙ جنهن ۾ سارين جو ٿريشر هلي رهيو هو. رات جو تقريبا 2 بجي ڌاري 15، 16 هٿياربند مزدورن کي يرغمال ڪري منهنجون 280 مڻ ساريون، دونالي بندوق، موبائل نوڪيا، 16 هزار روڪ رقم ڦري ٽريڪٽر ٽرالي تي ان کڻائي هليا ويا. انهن مان اسان 2 ڄڻن کي سڃاتو جنهن ۾ وحيد عرف حميد چانڊيو ۽ سڪندر چانڊيو آهن. جنهن بعد اسان واقعي جي اين.سي ميهڙ ٿاڻي تي داخل ڪرائي. جنهن بعد ايس.ايڇ.او ميهڙ غلام رسول پنهور جوابدارن کان پئسه وٺي آزاد ڪري ڇڏيو. هنن چيو ته اسان ٻين جوابدارن علي نواز چانڊيو، سليم چانڊيو، شمن چانڊيو ويٺل ڳوٺ کري چانڊيو کي به سڃاتو آهي جيڪي ان واردات ۾ ملوث آهن. هنن مطالبو ڪيو ته ايس.ايس.پي دادو نوٽيس وٺي جوابدارن کي گرفتار ڪيو وڃي .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.