مدئجي لڳ نوجوان کان ڦر،پوليس پاران هڪ جوابدار گرفتار

مدئجي(ن ع آ ) مدئجي ويجهو تاجوديرو ٿاڻي جي حد ڳوٺ پنهور ڀٽا ڀرسان ٽن موٽر سائيڪل سوار هٿياربندن پاران مدئجي واسي  نوجوان فرمان پٽ زاهد ميراڻي کي مبينا طور يرغمال بڻائي موٽرسائيڪل،روڪ رقم ۽ موبائيل فون ڦري فرار ٿي ويا جنهن بعد ڦر متاثر نوجوان تاجوديرو ٿاڻي تي پهچي اطلاع ڪيو جنهن کانپوءِ پوليس ۽ ميراڻي برادري جي ماڻهن جوابدارن جو پيڇو ڪيو جنهن دوران جوابدار موٽر سائيڪل ڦٽو ڪري وڃي رهيا هئا ته پوليس هڪ جوابدار فرمان عرف بدو خروس کي گرفتار ڪري ورتو،گرفتار جوابدار کي مدئجي ٿاڻي تي لاڪپ ڪري ڇڏيو،ان سلسلي ۾ ڦر متاثر نوجوان فرمان ميراڻي ٻڌايوته کير وٺڻ لاءِ وڃي رهيو هئس ته ٽن جوابدارن يرغمال بڻائي موٽر سائيڪل روڪ رقم ۽ موبائيل فون ڦري فرار ٿي وڃي رهيا هئا ته پوليس ۽ برادري جي ماڻهن پيڇو ڪيو جنهن دوران ڦورو موٽرسائيڪل ڇڏي فرار ٿي وڃي رهيا هئا ته پوليس هڪ جوابدار فرمان عرف بدو خروس کي گرفتار ڪري ورتو آهي،هوڏانهن خبر فائيل ٿيڻ تائين ڪوبه ڪيس داخل ٿي نه سگهيو هو..

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.