ٽنڊي محمد خان ۾ ڳوٺاڻن جو بدامني خلاف احتجاج

ٽنڊو محمد خان ( ڊ ر ) ٽنڊو محمد خان ۾ ڳوٺ پير قادر بخش شاھ جي ڳوٺاڻن پاران چورين جي واردات ۾ اضافي خلاف پريس  ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري سخت نعريبازي ڪئي ويئي ، انهي موقعي تي ڳوٺاڻن اسلم شاھ ، محمد چانڊيو ، خادم شاھ ۽ ٻين چيو ته اسان جي ڳوٺ سميت لنڪ روڊن تي چورين جي وارداتن ۾ اضافو ٿي رهيو آهي ، پير ممتاز شاھ جي ڍڳي چور ۽ علي چانڊيو جي موٽر سائيڪل چوري ٿيڻ سميت ڪيتريون ئي چوريون ٿيون آهن پر پوليس چورن کي گرفتار ڪرڻ ۾ مڪمل ناڪام ويئي آهي ، هنن مطالبو ڪيو ته چورن کي جلد کان جلد گرفتار ڪري چوري ٿيل ڍڳي ، موٽر سائيڪل واپس ڪرائي وڃي ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.