ميڊيا ورڪرن جي برطرفين، سينسرشپ ۽ ويج بورڊ نه ملڻ خلاف احتجاجي مظاهرا

ڪراچي/حيدرآباد/سکر (نمائندا ) پاڪستان فيڊرل يونين آف جرنلسٽس جي مرڪزي سڏ تي ميڊيا ورڪرن جي برطرفين، سينسرشپ ۽ ويج بورڊ تي عمل نه ٿيڻ خلاف مختلف شهرن ۾احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا،  ان سلسلي ۾مليل ڄاڻ موجب حيدرآباد ۾ يونين آف جرنلسٽس طرفان صدر اقبال ملاح، جنرل سيڪريٽري منصور مري، جوائنٽ سيڪريٽري ڄام فريد لاکو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ حيدرآباد پريس ڪلب اڳيان ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي وئي، سکر ۾يونين آف جرنلسٽس پاران سليم سھتو جي اڳواڻي ۾ سکر پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي وئي. ، احتجاج ۾ ايف اي سي جي ميمبرن آصف ظھير لوڌي، امداد بوزدار خصوصي طور تي شرڪت ڪئي جڏھن ته جاويد جتوئي جلال الدين سکر پريس ڪلب جي صدر نصر الله وسير، سحرش کوکر ۽ ٻين پڻ شرڪت ڪئي.  ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته فريڊم آف پريس ۽ ميڊيا جي آزادي کي يقيني بڻائڻ کانسواءِ جمھوري روايتن کي ھٿي ملڻ نا ممڪن آهي آزاد ميڊيا جي آواز کي دٻائڻ لاءِ ئي اڻ اعلانيل سينسر شپ ميڊيا مالڪن جون بلا جواز گرفتاريون ۽ صحافتي ادارن لاءِ مالي پريشانيون پيدا ڪيون پيون وڃن. ڪنڊيارو ۾  ايف اي گهانگهرو،سليم ملاح،الطاف سولنگي،ممتاز ملاح،سومر گهانگهرو، اڪري چودڳي ۾امر شر، محرم شر،رياض چانڊيو،غلام فاروق شر،ساجد جٽ،اصغر شر،ميان خان سانگي ،مظفر شر،علي بخش چانگ ،ساگر امير حيدر شر  ،ساقي نديم ،آصف شر، حاتم لاشاري، کرڙاھه ۾حَسين علي ڦل، اسلم سومرو، ادريس ڦل، عبدالرحمن ڦل، صوبل سولنگي، مقصود ڦل، ياسين جانوري، امتياز شر، خليل سولنگي، سوڀوديرو ۾اورنگزيب پيرزادو ظھور حسين ڄامڙو محمد علي چنا ۽ سول سوسائٽي جي ماڻھن پريس ڪلب سوڀوديرو اڳيان احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو، نارو  ۾ نارا ايٽ چونڊڪو پريس ڪلب جي صدر حب علي گوپانگ،يونين آف جرنلسٽ جي صدر ذاهد حسين سهتو، رحيم بخش ناريجو پيراڻو سائل ڀنڀرو،حاجي خان ڀنڀرو،طالب حسين ڀنڀرو،ممتاز علي سومرو،خالق ڏنو ملاح ،ربنواز خاصخيلي،وحيد علي چانڊيو، عاشق سهتو غلام نبي جاني،طوطو خان ملاح،محمد يونس منڱريو،محمد يوسف ملاح،امام ڏنو ڀنڀرو، آدم ابوپوٽو ۽ ٻي جي اڳواڻي ۾احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. مختلف هنڌن تي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته هن وقت ملڪ ۾ ميڊيا انتهائي خطرناڪ دور مان گذري رهي آهي ۽ ميڊيا هائوسز مان ورڪرن جي جبري برطرفي توڙي ميڊيائي ورڪرن جي پگهار مان ڪٽوتي ڪرڻ به معمول بڻجي ويو آهي جنهن سان ميڊيائي ورڪر سخت پريشاني واري عالم کي منهن ڏئي رهيا آهن، اڳواڻن چيو ته ملڪ ۾ ميڊيا تي غير اعلانيل سنسرشپ سبب اظهار راءِ جي آزادي مڪمل متاثر ٿي رهي آهي، جنهن کي ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪيو ويندو، هنن چيو ته ميڊيائي ادارن جون رهتون ادا نه ڪرڻ مان حڪومت جي ميڊيا دشمن واضع ٿي وئي آهي، هو ڪڏهن به صحافين جي حقن تي ڌاڙو هڻڻ ۽ اظهار راءِ جي آزادي کي دٻائڻ واري ڪوشش کي ڪامياب ٿيڻ نه ڏيندا، ايڇ يو جي اڳواڻن چيو ته ويج بورڊ تي عملدرآمد نه ٿيڻ سبب صحافين کي نقصان ٿي رهيو آهي جڏهن ته ريڊيو پاڪستان جي ورڪرن کي برطرفي سبب سندن روزگار داءُ تي لڳل آهي، عوام کي روزگار ڏيڻ جي دعوا ڪندڙ ئي ميڊيا ورڪرز کي بيروزگار ڪرڻ ۾ مصروف آهن، هنن مطالبو ڪيو ته پاڪستان فيڊرل يونين آف جرنلسٽس طرفان حڪومت کي ڏنل صحافين جي حقن، ميڊيا جي آزادي، پگهار مان ڪٽوتي ۽ ويج بورڊ تي عملدرآمد ڪرائڻ سميت ٻين مطالبن جي مڃتا واري چارٽر آف ڊمانڊ کي فوري طور منظور ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌيڪ وسيع ڪيو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.