ماٿيلو پوليس عوام لاءِ آزار، بيگناهه پڪڙي تشدد بعد رشوت وٺي آزاد

ميرپورماٿيلو(رپورٽ:نصرالله گڏاڻي) ايڊيشنل آءجي سکر جو لاڏلو ۽ ڪمائو ايس ايڇ او ميرپورماٿيلو خالد ميمڻ گذريل ڪيتري عرصي کان ضلعي جي عوام لاء ڏمر بڻيل آھي، بااختيار ايس ايڇ او خالد ميمڻ ايڊيشنل آءجي جي پٺڀرائي حاصل ھئڻ سبب سموري ضلعي ۾ سرگرم آھي،ريڊ ڪري توڙي سنيپ چيڪنگ بھاني بنا جواز شريف ۽ اٻوجھ ماڻھن کي کنڀي گُم ڪرڻ سندس معمول بڻيل آھي،جن جي نڪ ۽ ناسن ۾ نسوار وجھڻ سميت غيرانساني ء وحشياڻو تشدد ڪري بعد ۾ ڳري رشوت عيوض کين آزاد ڪيو پيو وڃي، ٻي طرف روزانا ۽ ھفتو ڀَتي خاطر ميرپورماٿيلو شھر ۽ مختلف ڳوٺن ۾ ھيرون،آئيس، آفيم ۽ چرس سميت منشيات ۽ جووا جي اڏن جو سرپرست بڻيل آھي،جڏھن ته سندس جي ئي اجازت سان ميرپورماٿيلو شھر جي گھٽي گھٽي ۾ ڪچي توڙي پڪي شراب جو وڪرو پڻ سرعام آھي، ھوڏانھن ميرپورماٿيلو شھر ۽ ڀرپاسي ۾ چوري ۽ ڦر وارداتن سميت بدامني عروج تي آھي،جڏھن ته ٽن ھفتن ۾ موٽرسائيڪل،ڪار، روڪ رقم، سامان ۽ چوپايو مال جي ٿيل چوري ۽ ڦر جي 40 وارداتن مان ميرپورماٿيلو پوليس ڪا ھڪ به رڪوور ڪرائي ڀاڳين کي نه ڏيئي سگھي آھي، پر پوليس وارداتن کي ٽريس ڪري ڏوھارين کان چئوڻو اوڳاڙيون ويٺي آھي،ايس ايڇ او ميرپورماٿيلو جي اھڙن ڪردارن ۽ بدامني سبب شھري توڙي ڳوٺاڻا عذاب ھيٺ آھن ۽ ڏوھارين توڙي پوليس کان غيرمحفوظ بڻيل آھن،منشيات ۽ شراب جي عام واھپي سبب نسلون برباد ٿي رھيون آھن، جووا جي ڪري ڪيترائي خاندان تباھ ٿي چُڪا آھن،جنھن سبب ميرپورماٿيلو جي عوام ايس ايڇ او ميرپورماٿيلو خالد ميمڻ خلاف روڊن تي آھي پر ايس ايس پي گھوٽڪي ايس ايڇ او خلاف ڪاروائي کان قاصر بڻيل آھي،جڏھن ته عوام سان ٿيندڙ ڪلور ۽ انھن جي احتجاجن جو ايڊيشنل آءجي سکر پاران به نوٽيس نه پيو ورتو وڃي،جنھن جي ڪري ھتان جو عوام مايوس ۽ بي يارو مددگار بڻيل آھي، ھوڏانھن رابطو ڪرڻ باوجود ايس ايس پي گھوٽڪي عمر طفيل سان رابطو نه ٿي سگھيو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.