مٽياري لڳ جهيڙو، لٺيون لڳڻ سبب 4 ڄڻا زخمي

مٽياري (ڊ ر) مٽياري لڳ ڳوٺ ڪمال ٻٻر ۾ گهر جي مالڪي تان سڳن ڀائرن جي جهيڙي جي نتيجي ۾ چار ڄڻا لٺيون لڳڻ سبب شديد  زخمي. زخمين کي تعلقي اسپتال مٽياري منتقل ڪيو ويو سيکاٽ ٿاڻي تي واقعي جي اين سي داخل. تفصيل موجب مٽياري لڳ سيکاٽ ٿاڻي جي حد ڳوٺ ڪمال ٻٻر ۾ گهر جي مالڪي تان سڳن ڀائرن ۾ جهيڙي جي نتيجي ۾ چار ڄڻا محمد ايوب، محمد قاسم، علي حسن ۽ يعقوب مٿي ۾ ڌڪ لڳڻ سبب شديد زخمي ٿي پيا جن کي تعلقي اسپتال مٽياري منتقل ڪيو ويو جتي ميڊيا سان ڳالهائيندي هنن چيو ته اسان جي اسان پنهنجي گهر ۾ ويٺل هئاسين اسان جي ڀائرن محمد صالح، محمد رمضان ۽ سندس پٽن ظهير، منير ۽ بشير وارن گهر ۾ داخل ٿي قبضي جي ڪوشش ڪئي.  ۽ اسان مٿان لٺين ۽ ڪهاڙين سان حملو ڪري ڏنو واقعي جي اين سي سيکاٽ ٿاڻي تي داخل ڪرائي آهي اسين ايس ايس پي مٽياري کي اپيل ٿا ڪريون تحفظ فراهم ڪيو وڃي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.