خيرمحمد آريجا لڳ جهيڙو، ڪيس داخل، هڪ ڌر جو ڌرڻو

خير محمد آريجا ( ن ع آ ) شهيد محترمه بينظير ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي ايٽ آريجا ٿاڻي جي حد ڳوٺ محمد ٻرڙو جي ٻرڙا برادري جي  ٻن ڌرين هڪ ڌر جي اعظم ٻرڙو ۽ ٻي ڌر جي ياسين ٻرڙو وچ ۾ رستي جي مالڪيءَ تان جهيڙو ٿي پيو جنهن بعد اعظم ٻرڙو يونيورسٽي ايٽ آريجا ٿاڻي تي پهچي 5 جوابدارن ياسين ٻرڙو وحيد ٻرڙو جاويد ٻرڙو گمساد ٻرڙو ۽ زاهد ٻرڙو مٿان گناھ نمبر 1/2021 ۽ ڏوھ قلم 337A1 114 506/2 504 34 تحت ايف آءِ آر داخل ڪرائي آهي ٻئي طرف شاهن ٻرڙو آريجا پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪندي دانهيندي صحافين کي ٻڌايو ته اعظم ٻرڙو منهنجي پٽن ۽ ڀائٽين خلاف ڪوڙي ايف آءِ آر داخل ڪرائي آهي ڪجھ ڏينهن پهرين اعظم ٻرڙو وارن اسان جي چوري ڪئي هئي اهڙي دانهن اسان تڪ جي ايم پي اي سردار حزب اللّٰه خان ٻگهيو جي فرزند محمد علي امر خان ٻگهيو کي ڏني هئي جنهن وٽ فيصلي جي لاء تاريخ پڻ رکيل هئي جنهن جي ڪري هنن اهڙو ڪوڙو ڊرامو ڪيو آهي اعظم جي ڌر سان اسان جو رستي جي مالڪيءَ تان اهڙو ڪوبه جهيڙو نه آهي.  ان موقعي تي هن ايس ايس پي لاڙڪاڻو ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو سميت ٻين وس وارن کي اپيل ڪئي ته خدارا اهڙي معامري جو نوٽيس وٺي شاف صفاف انڪوائري ڪئي وڃي هوڏانهن ان سلسلي ۾ يونيورسٽي ايٽ آريجا ٿاڻي جي ايس ايڇ او سيد اميد علي شاھ صحافين سان رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته اعظم ٻرڙو جي فرياد تي 5 جوابدار مٿان ايف آءِ آر داخل ڪئي آهي وڌيڪ جاچ ڪري رهيا آهيون ڪنهن سان ناانصافي نه ٿيندي معاملي جي شفاف جاچ ڪري ان خلاف قانوني ڪاروائي ڪئي ويندي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.