سڪرنڊ ۾ اي سي جي ڪارروائي، ٻه ڪلينڪون سيل

سڪرنڊ ( ن ع آ ) اسسٽنٽ ڪمشنر سڪرنڊ محمد سليم جتوئي جون سڪرنڊ شهر جي مختلف علائقن جو دورو، SOPS تي عمل نه  ڪندڙ ٻن ڪلينڪن جنهن ۾ ديوان ڪلينڪ ۽ ڊاڪٽر شهزاد جي ڪلينڪ کي سيل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته قاضي احمد روڊ تي علي ميڊيڪل اسٽور کي سيل ڪيو ويو آهي. جڏهن ته سڪرنڊ شهر اندر سڀني بئنڪن کي وارننگ ڏئي ايس او پيز تي عمل کي يقيني بنائڻ لاءِ پابند ڪيو ويو آهي، ان موقعي تي اسسٽنٽ ڪمشنر سڪرنڊ محمد سليم جتوئي ٻڌايو ته مذڪوره ڪلينڪ ۽ اسٽور مالڪ ايس او پيز جي خلاف ورزي ڪري رهيا هئا جنهن تحت انهن ڪلينڪن ۽ ميڊيڪل اسٽور کي سيل ڪيو ويو آهي.  جڏهن ته شهر ۾ سڀني بئنڪن ۽ ڪجهه دوڪاندارن کي وارننگ پڻ ڏني وئي آهي ۽ هڪ هفتي تائين ايس او پيز جي چيڪنگ مهم جاري رهندي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.