غوثپور ۾ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي سالگرهه تقريب، لفظن جي ڀيٽا پيش

غوثپور(ن ع آ )  پاران شھيد ذوالفقار علي ڀٽو جي 93 سالگرهه غوثپور   ۾ ملھائي وئي ۽ ڪيڪ ڪاٽيو ويو، سالگرهه جي تقريب ۾ اڪبر جان لولائي محمد علي لولائي لال خان بجاراڻي حاجي شيخ ۽ ٻين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، ان موقعي تي سالگرهه جي تقريب کي خطاب ڪندي اڳواڻن  شھيد ذوالفقار علي ڀٽو جي 93 سالگرا تي سڀني ڪارڪنن کي واڌيون ڏيون ٿا ھنن چيو ته شھيد ذوالفقار علي ڀٽو جي خدمتن کي ڪڏهن به وساري نٿو سگھجي ڀٽو صاحب پاڪستان کي 1973 جو آئين ڏنو ۽ اسٽيل مل جھڙا ڪارناما سراانجام ڏنا ـ

ڪوٽ غلام محمد ۾ شهيد جمهوريت ذوالفقار علي ڀٽو جي ورسي تقريب

ڪوٽ غلام محمد(ن ع آ)ڪوٽ غلام محمد پ پ پ تعلقه صدر جي رهائشگاه تي شهيد جهموريت قائد عوام شهيد ذوالفقار علي  ڀٽو جي سالگره جو ڪيڪ ڪاٽڻ جي تقريب ٿي ،پنڊال جئي ڀٽو جي نعرن سان ڳونجي اُٿيو ،شهيد ذوالفقار علي ڀٽو عوام جي دلين ۾ اڄ به زنده آهي ،ذوالفقار علي ڀٽو پاڪستان کي ايٽمي قوت بڻايو پاڪستان کي آئين ڏنو ،ذوالفقار علي ڀٽو ڪنهن فرد واحد جو نالو ناهي هي عوام جي شعور جو نالو آهي ،پ پ پ تعلقه صدر حاجي رفيق ڀرڳڙيخبرموجب ؛،ڪوٽ غلام محمد شهر ۾ پ پ پ تعلقه صدر حاجي رفيق احمد ڀرڳڙي جي رهائشگاه تي شهيد جمهوريت قائد عوام شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي سالگره جو ڪيڪ ڪاٽن جي تقريب ٿي جنهن ۾ پ پ پ تعلقه صدر حاجي رفيق ڀرڳڙي ،جنرل سيڪريٽري رازق ڏنو بنگلاڻي ،انفارميشن سيڪريٽري دليپ ڪمار ،نعيم اختر خاصخيلي ،سميت تعلقي جي مختلف يوسين جي عهديدارن جيالن ڪارڪنن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي.  ،اُن موقعي تي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو هميشه عوام جي دلين ۾ زنده آهي.

ڏوڪري ۾شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي سالگرهه، ڪيڪ ڪاٽيو ويو

ڏوڪري (ت ر) ڏوڪري ۾ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي سالگره جو ڪيڪ ڪاٽيو ويو، تفصيل موجب ڏوڪري ۾ شهيد ذوالفقار علي  ڀٽو جي سالگره جي حوالي سان پ پ تعلقي صدر منير سوهو، قاضي جميل احمد جوڻيجو، علي ڏنو گاڏهي، عبداللطيف ڏيرو، ڀاڳيو جوڻيجو، محمد حسن ٻگهيو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ خوشي ۾ مشعل بردار ريلي ڪڍي شهر جو گشت ڪيو ويو آهي بعد ۾ حيدر چوڪ تي شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي 93هين سالگره جو ڪيڪ ڪاٽيو ويو.  جنهن ۾ وڏي انگ ۾ ماڻهن شرڪت ڪئي ان موقعي تي اڳواڻن جو چوڻ هو ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جمهوريت جي بقا لاءِ سر ڪٽايو پر وقت جي جابر جنرل ضيا الحق اڳيان پنهنجو سر نه جهڪايو اسان سندس جي سالگره موقعي تي کيس زبردست ڀيٽا پيش ڪيون ٿا ۽ وچن ٿا ڪيون ته سندس جي ڇڏيل مشن کي تڪميل تائين پهچايو ويندو.

گهوٽڪي ۾شهيد ذوالفقار ڀٽو جي سالگرهه، ڀيٽا پيش

گهوٽڪي (ڊ ر) گهوٽڪي ۾ پيپلزپارٽي پاران اطلاعات آفيس ۾ شھيد ذوالفقار علي ڀٽو جي 93 هين سالگره ملهائي وئي جنهن  پ پ ضلعي صدر مير بابر خان لنڊ , اطلاعات سيڪريٽري عبدالمجيد لاکو , سڪندر علي لاکو , مير حمزا خان سندراڻي , عبدالله شاھ , رشيد ملهڻ , سڪندر علي لاکو , غلام نبي وسير , محمد موسا گڏاڻي , رحمان شيخ , محمد علي شيخ , راحب گهوٽو  ۽ ٻين شرڪت ڪئي. ان موقعي تي اڳواڻن پاران شھيد ذوالفقار علي ڀٽو جي سالگره جو ڪيڪ پڻ گڏجي ڪاٽيو , ان موقعي تي سالگره تقريب کي خطاب ڪندي مير بابر خان لنڊ , سڪندر علي لاکو , غلام نبي وسير , عبدالمجيد لاکو  اڳواڻن چيو ته قائد عوام شھيد ذوالفقار علي ڀٽو هڪ انمول شخصيت هو هُن آمر ۽ ڊڪٽيٽر ضياء اڳيان جهڪڻ کان شھادت قبول ڪئي.سندن چوڻ هو ته شھيد ذوالفقار علي ڀٽو پاڪستان کي ايٽمي قوت ۽ آئين ڏئي وڏا احسان ڪري ويو . , هنن چيو ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو عوامي ليڊر هو کيس اڄ زندھ هجي ها ته ملڪ وڏي ترقي ڪري ها , هنن چيو شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جهڙا عظيم ليڊر هن ديس ۾ صدين بعد جنم وٺندا آهن , اڄ به کيس پوري دنيا شهيد ذوالفقار علي ڀٽو محبت سان ياد ڪري ٿي .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.