ميهڙ ۾ وڌندڙ بدامني خلاف عوامي تحريڪ ۽ شهرين جو احتجاج

ميھڙ  ( رپورٽ:  جميل مهيسر  )  اڄ چوٿين ڏينهن به عوامي تحريڪ تعلقي ميهڙ طرفان ميهڙ شهر ۾ وڌندڙ بدامني خلاف عوامي تحريڪ ضلعي دادو جي صدر ايڊووڪيٽ امتياز جتوئي، تعلقي نائب صدر  ايڊووڪيٽ ذوالفقار چانڊيو، ايڊووڪيٽ نجيب مهيسر، ايڊووڪيٽ عبدالخالق ٻگهيو، ايڊووڪيٽ منصور چانڊيو، ايڊووڪيٽ مختيار علي کوسو، ايڊووڪيٽ فياض حيدر شيخ، رستم علي سرگاڻي، شفيق احمد خاصخيلي، آيتﷲ چانڊيو، محمد خان مگسي، صدام حسين گاڏهي ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ احتجاج، امن ڏيو يا استعيفا ڏيو، ٿاڻن تي ڀاٿاريون نامنظور، ڦرون ڌاڙا نامنظور جا زوردار نعرہ، مظاهرين ۽ شهر واسين طرفان ميھڙ شهر جي بدامني جو چيف جسٽس  آف سنڌ، آءِ جي سنڌ ۽ ڊي آءِ جي حيدرآباد کان فورن نوٽيس وٺڻ جي گُهر.ان موقعي تي ايس يو پي ضلعي دادو جي صدر سڪندر سوڍر، مٺڙا ماڻهو ميھڙ جا فورم تعلقي ميهڙ جي صدر پي ٽي آء اڳواڻ محمد ايوب کوسو، سائين فيض محمد جھتيال ۽ ٻين شهرين يڪجهتي طور تي ميهڙ شهر جي وڌندڙ بدامني خلاف عوامي تحريڪ جي هليل جدوجهد ۾ پڻ شرڪت ڪئي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.