ميهڙ لڳ سبزي منڊي ويجهو موٽر سائيڪل ڦر ، ڏوهاري فرار

ميهڙ ( ن ع آ ) ميهڙ لڳ سبزي منڊي ويجهو وچ شهر مان سبزي جي واپارين نورل مهيسر ۽ بلاول مهيسر کان 125 موٽر سائيڪل موبائيل فون ۽ روڪ رقم نامعلوم ڦورو ڦر ڪري فرار ٿي ويا.

اوٻاوڙو ۾ بد امني ڪر کنيو، رهواسي راتيون جاڳڻ لڳا، موٽر سائيڪل چوري

اوٻاوڙو( ن ع آ ) اوٻاوڙو ۾ بدامني وڌي وئي ڳوٺاڻا راتيون جاڳي گذارڻ تي مجبور جڏھن ته ھٿيار بند چورن جي  ڳوٺ اڱڻ ڀٽو تي چڙھائي ھٿيارن جي زور تي ريتي ٿاڻي جي حد مان روينيو جي  ڪلارڪ سيد رياض حسين شاھ جي گهر  مان CD 2019,ماڊل موٽر سائيڪل  چور ڪاھي فرار ٿي ويا رياض حسين شاھ ميڊيا کي ٻڌايو ته ڪالھ ڊيوٽي کان واپس اچي روز جيان موٽر سائيڪل گهر ۾ بيهاري رات جو منھنجي گھر ۾ ھٿيار بند چورن  ھٿيارن جي زور تي داخل ٿي موٽر سائيڪل ڪاھي ويا اھڙو اطلاع مان ريتي پوليس کي ڏنو پوليس اطلاع باوجود نه پھتي اسان گھرن به محفوظ نه آھيون مان ايس ايس پي گهوٽڪي کي اپيل ٿو ڪريان ته مان غريب ملازم ماڻهو آهيان تنخواہ مان ٻچن جو پيٽ پاليان ٿو مونکي موٽر سائيڪل واپس ڪرائي ڏني وڃي۽ چورن کي جلد گرفتار ڪري انھن کي سخت سزا ڏئي مون کي تحفظ ۽ انصاف ڪيو وڃي.

ٺل پوليس پاران پاٿاريدار گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ

ٺل (ن ع آ )ٺل پوليس پاران پاٿاريدار گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ،ڪيس داخل،خبر موجب ٺل پوليس پاران خفيه اطلاع ملڻ تي ڪاروائي ڪندي پاٿاريدار ميول ولد سرڪي جي اوطاق تي ڇاپو هڻي کيس گرفتار ڪري ورتو آهي،پوليس موجب جوابدار وٽان بغير لائنس جو رپيٽر ۽ ڪارتوس هٿ ڪيا آهن،جوابدار جي مٿان اي سيڪشن ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.

سکر ۾پسند پرڻو ڪندڙ جوڙي پاران تحفظ لاءِ پٽيشن داخل

سکر(رپورٽ :شفيع محمد ابڙو ) سکر ۾ ويھ ڏينهن اڳ پسند جي شادي ڪندڙي جوڙي هاء ڪورٽ ۾ تحفظ ۽ انصاف لاء درخواست داخل ڪرائي ڇڏي، عدالت سڳوري کي انصاف ۽ تحفظ ڏيڻ جي اپيل. خبرموجب:گهوٽڪي ضلعي جي تعلقي اٻاوڙو ڳوٺ لعل بخش چانڊيو جي رهواسي نوجوان ظفر علي پٽ گاجي چانڊيو ۔ناري اقراء خاتون ڌي ء اصغرعلي پنهنجي وڪيل معرفت سنڌ هاء ڪورٽ بينچ سکر ۾ حراسمنٽ ۽ انصاف لاء درخواست داخل ڪرائڻ بعد عدالتي احاطي ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته 16 ڊسمبر تي سکر ۾ جسٽس آف پيس جي آفيس ۾ پسند جي شادي ڪئي آھي جنهن بعد اقراء  جا مائٽ اصغر علي جهڪ ۔الله وڌايو ۽ ٻيا جان جا ويري بڻجي ويا آھن کنڀڙا ٿاڻي تي ڪوڙو ڪيس داخل ڪرائي گهر مٿان پوليس چڙهائي ڪرائي آھي ايس ايڇ او کنڀڙا  ٿاڻي جي موجودگي ۾ پوليس اهلڪارن ٽي تولا سونا زيور۔هڪ لک رپيا روڪ رقم کڻڻ سميت چوپايو مال به ڪاهي وئي آھي.  ۽ ٻن ڄڻن حسن علي ۽ وحيد علي کي به کنڀي وئي آھي.  ايس ايڇ او کنڀڙا ڌر بڻجندي بار بار اقراء کي وارثن حوالي ڪرڻ لاء ڌمڪيون پيو ڏئي جنهن سبب  اسان جي حياتن کي خطرو آھي هنن اعليٰ اختيارن کي اپيل ڪئي آھي کنڀڙا ٿاڻي جي ايس ايڇ او ۽ ٻين خلاف ڪاروائي ڪرائي سونا زيور۔روڪ رقم ۔چوپايو مال واپس ڏياري بي گناه گرفتار ڪيل حسن علي۔وحيد علي کي پوليس کان آزاد ڪرائڻ سميت داخل ڪوڙو ڪيس ختم ڪرائي انصاف ۽ تحفظ فراهم ڪيو وڃي.

مٺي ۾ ناري ۽ نوجوان جي لاش ملڻ واري معاملي جو بلاول ڀٽو نوٽيس ورتو

مٺي:مٺي ۾ ناري بڀيڪا ۽ ڏونگرو ميگهواڙ جا لاش هٿ اچڻ واري واقعي جو پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري نوٽيس وٺندي وڏي وزير سنڌ سيد مراد علي شاھ کان رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي.

ٺل جي چئن مقتولن جا قاتل گرفتار نه ٿيا، وارثن جو احتجاج

ٺل(رپورٽر)ٺل ۾ چار مقتولن جي جوابدارن جي گرفتاري جي لاءِ وارثن ۽ شهرين پاران الڳ الڳ احتجاجي مظاهرا، ڌرڻا،جوابدارن  جي گرفتاري جو مطالبو،خبر موجب ٺل جي اي سيڪشن ٿاڻي جي حد جيئي سنڌ چوڪ تي ڀتو نه ڏيڻ تان قتل ڪيل ايس يو پي ڪارڪن قائم الدين سرڪي جي ڪيس ۾ گهربل جوابدارن اصغر علي ٻرڙو ۽ طالب حسين ٻرڙو ۽ ايس يو پي جي ضلعي صدر جمال الدين جوش ٻرڙو جي مٿان حملو ڪندڙن جوابدارن کي پوليس گرفتار نه ڪري سگهي آهي،جوابدارن جي گرفتاري جي لاءِ وارثن ۽ شهرين پاران احتجاج هلندڙ آهي، جدوجهد ايڪشن ڪاميٽي پاران قائم الدين سرڪي جي قتل ڪيس ۽ ايس يو پي جي ضلعي صدر جمال جوش ٻرڙو جي مٿان حملي جي ڪيس ۾ گهربل جوابدارن جي گرفتاري لاءِ احتجاجي مظاهرو ڪري پريس ڪلب اڳيان ڌرڻو هنيو ويو،  مظاهرين روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو جنهن ڪري ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ ڪجهه وقت لاءِ معطل ٿي وئي،ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي اڳواڻن مقتول جي ڀاءُ امام الدين سرڪي،جمال الدين جوش ٻرڙو،مفتي نظام الدين بنگلاڻي،ظفر لاشاري،سڪندر ڪنراڻي،سليمان ٻرڙو،منظور ٻرڙو ۽ ٻين چيو ته 17 مهينا اڳ شڪارپور سوئيٽس بيڪري مالڪ ۽ ايس يو پي ڪارڪن قائم الدين سرڪي کي قتل ڪيو ويو پر افسوس جو هن مهل تائين ڪيس ۾ گهربل جوابدارن کي پوليس گرفتار نه ڪري سگهي آهي، جوابدارن جي گرفتاري جي لاءِ پوليس ڪوبه ڪردار ادا ناهي ڪيو ويو،جنهن بعد جوابدار ڌمڪائڻ بعد حملا ڪري رهيا آهن،هنن چيو ته ايس يو پي جي ضلعي صدر جوش ٻرڙو جي گهر مٿان جوابدارن پاران حملو ڪيو ويو پر افسوس جو پوليس ڪيس داخل ڪرڻ لاءِ به تيار ناهي،جوابدار آزاد گهمندا رهن ٿا پر پوليس انهن جي خلاف ڪاروائي ڪرڻ کان لنوائي رهي آهي،هنن مطالبو ڪيو ته مقتول قائم الدين سرڪي جي ڪيس ۾ گهربل جوابدارن ۽ جمال جوش ٻرڙو مٿان حملو ڪندڙ جوابدارن کي گرفتار ڪيو وڃي،ٻئي صورت ۾ اسان جو احتجاج جاري رهندو، ٻئي طرف ٺل جي اي سيڪشن ٿاڻي جي حد شهيد الله بخش سومرو ڪالوني ۾ اٺ سال اڳ وياج جي مامري تان قتل ٿي ويل پورهيت فيض محمد چنو جي خون سان انصاف جي لاءِ سندس ٻڍڙي امڙ مسمات غلام فاطمه چنا سراپا احتجاج بڻيل آهي،ڪالهه پورهيت جي امڙ مسمات غلام فاطمه چنا پنهنجي پٽ جي تصوير کڻي پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪيو،ان موقعي تي پورهيت جي امڙ مسمات غلام فاطمه چنا،شهرين بشير سرڪي،محمد بخش بروهي،ظفر لاشاري،غوث بخش ٻرڙو ۽ ٻين چيو ته رب پاڪ مون سان انصاف ڪيو آهي، ڪورٽن مان مون کي انصاف نه مليو پر الله پاڪ مون سان انصاف ڪيو آهي،منهنجي پٽ جي خون ڪيس ۾ نامزد ٻين جوابدارن کي به پنهنجي سزا ملندي،هن چيو ته منهنجي پٽ کي وياجي عبدالواحد عرف نجو گولو سندس ساٿين بيدردي سان قتل ڪيو،اٺ سال گذري وڃڻ جي باوجود پوليس مون سان انصاف نه ڪيو،جوابدارن پاران منهنجي ور مرحوم نيڪ محمد چنو ۽ پٽن نور محمد ۽ ٻين جي مٿان ڪوڙا ڪيس داخل ڪيا ويا جيئن اسان ڪيس تان هٿ کڻي وڃون پر اسان ڊٽڪي بيٺل رهياسون،اسان کي الله پاڪ مان اميد آهي ته اسان سان ضرور انصاف ٿيندو،هوڏانهن ٺل ۾ ٻه مهينا اڳ بجلي جي تار لڳائڻ جي معاملي تي هٿياربندن هٿان قتل ڪيل 13ورهين جي معصوم نينگر سعيد احمد ڀٽي ۽ ڊاڪٽر احمد نوناري جي جوابدارن جي گرفتاري لاءِ وارثن ۽ شھرين پاران احتجاجي مظاهرو ڪري پريس ڪلب اڳيان ڌرڻو هنيو،مظاهرين پاران سخت نعريبازي ڪئي.ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي اڳواڻن نصيب الله نوناري،جسقم اڳواڻن لياقت سرڪي،عباس ٻرڙو،بشير سرڪي ۽ ٻين چيو ته ٻه مهينا اڳ جوابدارن فائرنگ ڪري ڊاڪٽر احمد نوناري ۽ نينگر سعيد ڀٽي کي قتل ڪيو پر پوليس جوابدارن کي گرفتار نه ڪري سگهي آهي،پوليس خاموش بڻيل آهي پوليس ڪيس کي لوڙهڻ چاهي ٿي،مظاهرين ايس ايس پي جيڪب آباد محمد طارق نواز کان مطالبو ڪيو ته معصوم نينگر سعيد احمد ڀٽي ۽ ڊاڪٽر احمد نوناري جي مک قاتلن کي گرفتار ڪري اسان سان انصاف ڪيو وڃي۔ٻئي صورت ۾ اسان سخت احتجاج ڪنداسون.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.