منهڙو ۾ آپگهات ڪندڙ پيرسن جو سجاول شاخ مان لاش هٿ

منھڙو ( رپورٽ : عرفان علي ڏاهري ) منھڙو ڀرسان ڳوٺ ڪانڊيرو خان مري واسي پيرسن خير محمد مري 10 ڏينھن  اڳ گھرو پريشاني کان تنگ اچي پٻجو ٿاڻي جي حد ھبيري موري وٽان روھڙي ڪينال ۾ ٽپو ڏئي خودڪشي ڪري ڇڏي ھئي جنھن جو لاش ڪافي ڳولا باوجو ھٿ اچي نه سگھيو ھو جيڪو اڄ روھڙي ڪينال ۾ پاڻي گھٽ ٿيڻ سبب سجاول شاخ وٽان روهڙي ڪئنال مان ھٿ آيو آهي، جتي پٻجو ٿاڻي جي حد جي پوليس ايس ايڇ او منظور علي ڀنگوار پوليس نفري ساڻ ۽ پيرسن جا وارث ۽ علائقي واسي وڏي انگ پھتا جتان پيرسن جو لاش روهڙي ڪئنال مان ٻاهر ڪڍي پٻجو پوليس سندن وارثن حوالي ڪيو جتان پيرسن خير محمد مري جو لاش سندس اباڻي ڳوٺ ڪانڊيرو خان مري نيو ويو جتي سندس گھر ۾ ڪھرام مچي ويو آخري اطلاع تائين واقعي جو ڪوبه ڪيس داخل نه ٿي سگھيو ھو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.