ماٿيلي ويجهو مائينر مان ٻار جو لاش هٿ

ميرپور ماٿيلو(رپورٽ پريم راٺوڙ) ميرپور ماٿيلو؛ ميرپور مائينر مان تازي ڄاول ٻار جو لاش هٿ، پوليس کي اطلاع، پوليس پهچي ٻار  جو لاش ميرپور ماٿيلو جي ڊي ايڇ ڪيو اسپتال کڻائي آئي، آخري اطلاع تائين ٻار جو لاش اسپتال ۾ پيل رهيو، تفصيل موجب ميرپور مائينر مان تازي ڄاول ٻار جو لاش هٿ آيو آهي، جڏهن ته علائقي واسين پاران  ميرپور ماٿيلو پوليس کي اطلاع ڏنو ويو، جنهن بعد پوليس پهچي ٻار جو لاش ميرپور مائينر مان ٻاهر ڪڍائي ميرپور ماٿيلو جي ڊي ايڇ ڪيو اسپتال کڻائي آئي، جڏهن ته آخري اطلاع تائين ٻار جو لاش اسپتال ۾ پيل رهيو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.