سکر جي معزز شخصيت ڀائي خان گھانگھرو بيماري سبب لاڏاڻو ڪري ويو

سکر (رپورٽر) گهانگهرو برادري جي معزز شخصيت وڏيرو ڀائي خان گھانگھرو بيماري سبب لاڏاڻو ڪري ويو، اباڻي ڳوٺ ۾ جناز نماز بعد مٽي ماءُ حوالي، سردار زاده محمد علي خان گھانگھرو ۽ ٻين جي تعزيت، سکر ويجھو ڳوٺ ڀائي خان گھانگھرو  ۾ گھانگھرو برادري جي معزز شخصيت وڏيرو ڀائي خان گھانگھرو 80 سالن جي عمر ۾ بيماري سبب لاڏاڻو ڪري ويو، جنهن جي جناز نماز سکر ويجهو ڊريها ۾ ادا ڪرڻ بعد اباڻي قبرستان ڀائي خان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو، جناز نماز ۾ سردار زاده محمد علي خان گھانگھرو، اڳوڻو يوسي چيئرمين مرتضي گھانگھرو، ڊپٽي ڊائريڪٽر ايگريڪلچر عبدالستار گھانگھرو، الطاف حسين گھانگھرو ۽ ٻين برادري جي ماڻهن ۽ علائقي واسين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. , فوتي ڀائي خان گھانگھرو جي لاڏاڻي تي وارثن غلام شبير گھانگھرو، غلام نبي گھانگھرو، محمد پنجل، محمد حيات، غلام رسول گھانگھرو ۽ ٻين سان تعزيت جو سلسلو هلندڙ آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.