مٺي لڳ ناري جو قتل، مڙس گرفتار

مٺي (بيوروچيف) مٺي ويجهو  پٻي جي تڙ ۾ ناري سوناري زال رتن ڀيل کي مبينا طور گهٽا ڏيئي قتل ڪرڻ جو انڪشاف ٿيو آهي،مبينا  طور گهٽا ڏئي ۽ تشدد ڪري قتل ڪيل ناريءُ سوناري ڀيل جي مڙس رتن ڀيل کي پوليس گرفتار ورتو آهي،پوليس واقعي واري هنڌ پهچي ناريءُ جي مڙس کي گرفتار ڪرڻ بعد لاش مٺي سول اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو،ناري جي پيءُ مگهن ڀيل سندس ڌيءُ کي قتل ڪرڻ جو پوليس کي اطلاع ڪيو،مڙس ۽ سس تي قتل جو الزام هنيو ويو آهي،پوليس موجب ناريءُ جي چهري تي تشدد جا نشان آھن مڙس رتن ڀيل کي گرفتار ڪري مقتولا جو لاش مٺي سول اسپتال آندو آھي،لاش جو پوسٽ مارٽم ڪرائڻ بعد گرفتار سندس مڙس کان پڇا ڳاڇا ڪنداسين،ناري جي پيءُ مگهن ڀيل الزام هڻندي چيو آهي ته ڌيءُ کي مڙس رتن ڀيل پنهنجي ماءُ سان گڏجي گهٽا ڏيئي قتل ڪيو آهي اسان سان انصاف ڪيو وڃي،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.