ڪنب ( ن ع آ ) ڪنب لڳ راڻيپور شگرمل ڀرسان اولڊ نيشنل هاءِ وي تي تيز رفتار ٽرالر جو موٽر سائيڪل کي ٽڪر جي نتيجي ۾ ٺري ميرواھ تعلقي جي ڳوٺ محمد ملوڪ شر جو رهواسي هڪ معصوم ٻارڙو مسمات ن ۽ مجيب شر سخت زخمي ٿي پيا جن کي گمس اسپتال داخل ڪيو ويو ٽرالر ڊرائيور ٽرالر سميت فرار ٿي ويو زخمين مان مجيب شر زخمن جي سٽ نه سهندي اسپتال ۾ فوت ٿي ويو