سکر مان نينگري گم، وارثن جو احتجاج

سکر( رپورٽر) سکر مان 7 ورهين جي ٻارڙي مبينا طور گم، وارث پريشان، انصاف لاءِ احتجاج، ان سلسلي ۾ سکر جي نئون پنڊ ٿاڻي جي حد پير مراد شاهه مائيڪرو ڪالوني جي رهواسڻ رافعا ۽ روزينه سکر پريس ڪلب پهچي  احتجاج ڪندي دانهيو آهي ته اڄ صبح جو سوير ئي سندن گھر ٻاهران راند کيڏندي 7 ورهين جي نياڻي زويه ڌيءَ مٺل ميراڻي مبينا طور گم ٿي وئي آهي، هن ٻڌايو ته  گذريل ڏينهن جوابدار عبدالحميد ڍنڍڙ، نادر نوناري، عارف ميراڻي، عارف حسين ڍنڍڙ ۽ ٻيا اسان جي گھر آيا هئا،  جن اسان کي ڌمڪيون ڏنيون، هنن شڪ ظاهر ڪيو آهي ته سندن ٻارڙي کي ڄاڻايل جوابدارن ئي اغوا ڪيو آهي هنن ٻڌايو ته اهڙي واقعي جو اطلاع حد ٿاڻي تي ڏنو ويو آهي پر پوليس نياڻي جي ڳولها لاءِ ڪوششون ڪري پئي،  هنن اعليٰ اختيارين کان گھر ڪئي آهي نياڻي جي ڳولها ۾ سندن مدد ڪري پکڙيل بيچيني کي ختم ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.