مدئجي ۽ ڀرپاسي ۾ ڪتن جو آزار، نينگري ڏاڙهي زخمي

مدئجي(ن ع آ) مدئجي ۽ آسپاس جي علائقن مان رولو ڪتن جو آزار نه گهٽي سگهيو آهي رولو ڪتن جي آزار سبب شهري عذاب ۾ مبتلا ٿي  ويا آهن ۽ شهرين پنهنجي معصوم ٻارن کي گهرن تائين محدود ڪري ڇڏيو آهي جڏهن ته رولو ڪتن کي مارڻ ۾ مڪاني کاتو مڪمل طور ناڪام ٿي ويو آهي جنهن  ڪري شهر جي مختلف هنڌن تي رولو ڪتا ولرن جي صورت ۾ گهمي رهيا آهن جنهن ڪري ڪتن ڏاڙهڻ جي واقعا پڻ رڪجي ناهن سگهيا ان سلسلي ۾ مدئجي ڀرسان يوسي جندوديرو جي ڳوٺ سهتا ۾ رولو ڪتي10 ورهين جي معصوم نينگري آصفه سهتو کي چڪ هڻي زخمي ڪري وڌو جنهن کي وارثن تعلقي اسپتال مدئجي پهچايو جتي کيس ڪتي جي بچاءَ واري وئڪسين ڪرڻ بعد فارغ ڪيو ويو. ڪتي ڏاڙهيل معصوم نينگري جي امڙ مسمات منظور خاتون چيوته رولو ڪتا ولر جي صورت ۾ گهمي رهيا آهن پر يو سي جندوديرو جي انتظاميا ڪتا مار مهم شروع ناهي ڪئي ، هن چيوته فوري طور ڪتا مار مهم شروع ڪري شهرين ۾ پيدا ٿيل خوف ختم ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.