مچ واقعي جي جوابدارن کي وائکو ڪيو وڃي:اياز پليجو

حيدرآباد (پ ر) قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي مچ سانحي جي مذمت ڪندي دھشتگردن جي فوري گرفتاري  جو مطالبو ڪندي چيو آھي تہ المناڪ سانحي بعد وزيراعظم ۽ وزيراعليَ سميت حڪومت کي 11 شھيدن جي وارثن وٽ پھچڻ گھرجي ھا ۽ قاتلن کي انجام تائين پھچائڻ لاءِ سمورا وسيلا استعمال ڪرڻ گھرجن ھا پر افسوس آھي جو اڃا تائين قاتل پڪڙ ۾ نہ اچي سگھيا آھن ۽ 11 شھيدن جا وارث پنھنجن گھر ڀاتين سان گڏ سراپا احتجاج آھن. اياز لطيف پليجي چيو ته ھزارا ڪميونٽي جي ماڻھن کي انتھائي سفاڪي سان نشانو بنائڻ وارو واقعو ڪو پھريون ڀيرو ناھي ٿيو ھن کان اڳ ۾ بہ ھزارا برادري جي ماڻھن کي دھشتگردن پنھنجي گولين جو نشانو بنايو مچ واقعو انتھائي سفاڪ آھي، سمورا شھيد مزدور ھئا. اھي.  پنھنجي گھر ڀاتين ۽ 2 وقت جي ماني لاءِ پورھيو ڪري رھيا ھئا دھشتگرد انتھائي آساني سان آيا ۽ انھن کي ھڪ ھڪ ڪري گولين جو نشانو بنائي ھليا ويا ھفتو ٿيڻ تي آھي پر حڪومتي مشينري انھن جو ڪو بہ پتو نہ لڳائي سگھي آھي ان کان وڌيڪ نااھلي ۽ ناڪامي ڪھڙي ٿي سگھي ٿي. اياز لطيف پليجي چيو تہ مچ واقعو اسان جي حڪومت توڙي ادارن جي ناڪامي جو چٽو ثبوت آھي. ان مان لڳي ٿو تہ اسان وٽ دھشتگرد نيٽ ورڪ اڃا تائين مضبوط آھي دھشتگرد جتي بہ چاھين ۽ جنھن کي بہ چاھين نشانو بنائي سگھن ٿا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.