ايس ٽي پي جو 11 جنوري تي ڌرڻي جو اعلان

ٽنڊوالھيار (ڊ ر) ايس ٽي پي پاران الطاف جسڪاڻي قتل ڪيس جي جانچ تي عدم اعتماد جو اظھار مک قاتل گرفتار نه  ٿيڻ تي ڊاڪٽر  قادر مگسي جي اڳواڻي ۾ ڌرڻو ھڻن جو اعلان خبر موجب ايس ٽي پي 11 جنوري تي ايس ايس پي ٽنڊوالھيار  جي آفيس سامھون ڌرڻي جو اعلان ڪري ڇڏيو ٽنڊوالهيار پريس ڪلب ۾ ايس ٽي پي نوابشاه . ٺٺو ۽ ٽنڊوالهيار جي اڳواڻن گڏيل پريس ڪانفرنس ڪندي مير محمد پتافي .ذيشان جسڪاڻي . نثار ڪيريو . جلال شاه ۽ ٻين چيو ايس ٽي پي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي پاران ڏنل الٽيمٽيم 10 جنوري تي ختم ٿي رھيو آهي 11 جنوري تي ڊاڪٽر قادر مگسي جي اڳواڻي ۾ ايس پي آفيس سامهون ڌرڻو ھنيو ويندو ۽ اهو ڌرڻو قاتلن جي گرفتاري تائين جاري رھندو.  هنن چيو ته قانون جا هٿ ڪمزور ٿي چڪا آهن جڏهن ته ڏيڍ مهينو گذري وڃڻ باوجود مک جوابدار اسلم رند . ڀولو خانزادي ۽ معشوق رند کي پوليس گرفتار ناهي ڪري سگهي الطاف جسڪاڻي جو قتل هڪ فرد جو قتل نه پر پوري قوم جو قتل آهي هڪ آواز جو قتل آهي هنن سنڌ جي باشعور ۽ قومپرست اڳواڻن کي وڌ کان وڌ شرڪت جي اپيل پڻ ڪئي ان موقعي تي عبدالمالڪ دائيداڻو . محبوب سمون ۽ ٻيا پڻ موجود هئا

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.