ڄامشورو لڳ يونيورسٽي جي زمين تي قبضو، ڪاروائي، 3 گرفتار

ڄامشورو (رپورٽ : راجا انور چانڊيو)ڄامشورو ۾ سنڌ يونيورسٽي انتظاميا خانپور ويجهو ڪچي جي علائقي ۾ آپريشن ڪري  سنڌ يونيورسٽي جي زمين تي ٿيل قبضا ختم ڪرائي هلندڙ اڏاوتي ڪم بند ڪرائي ڇڏيو آهي. ڪوٽڙي شهر کان نيشنل هاءِ وي طرف ويندڙ پڪي رستي تي سنڌ يونيورسٽي جي 10 ايڪڙ زمين تي بااثر بلڊر مافيا طرفان ڪيل قبضو ختم ڪرائي تازو ڪرايل اڏاوتون ڊاهي پٽ ڪري ڇڏيون آهن، زمين تي ويٺل ٽن ڄڻن کي گرفتار ڪري ڪوٽڙي ٿاڻي تي منتقل ڪيو ويو آهي، سنڌ يونيورسٽي جي ڊائريڪٽر اسٽيٽ رفيق بروهي جي اڳواڻي ۾ پوليس ۽ يونيورسٽي جي ملازمن ٽريڪٽرن ۽ ٻئي ڳري مشينري جي مدد  سان زمين تي ڏنل چوديواري ڊاهي پٽ ڪئي وئي.  زمين تي ڪم ڪندڙ ٽن ڄڻن  پوڙهو خاصخيلي، عرفان قمبراڻي ۽ مقصود خاصخيلي کي گرفتار ڪري ڪوٽڙ ٿاڻي تي لاڪپ ڪيو ويو آهي، رابطو ڪرڻ تي سنڌ يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر فتح محمد برفت ٻڌايو ته سنڌ يونيورسٽي جي زمين جي هڪ هڪ انچ جي حفاظت ڪرڻ ڄاڻون ٿا، ڪنهن کي به قبضو ڪرڻ نه ڏينداسين اڳوڻي وقتي وائيس چانسلر جي غيرسجيندگي جي ڪري ماڻهن سنڌ يونيورسٽي جي زمينن تي قبضا ڪري اتي اڏاوتون ڪري رهيا هئا مون ايس ايس پي ڄامشورو کي خط لکي آگاهه ڪيو

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.