ٻيلو شهر ڀرسان جوابدارن پاران گهر کي باهه، سامان رک

ٻيلو شھر (رپورٽ: شوڪت ھالو) ٻيلو شھر ويجهو ڪچي جي علائقي جي  ڳوٺ محمد حسن جاکرو ۾ نامعلوم ماڻھون ڳوٺاڻي مير  محمد جاکرو جي گھر کي باھ ڏئي فرار ٿي ويا  گهرن ۾ رکيل اناج ۽ نياڻين جي ڏيج سميت رکيل سمورو  سامان   سڙي رک ٿي ويو متاثر  ڳوٺاڻي مير محمد جاکرو ۽ حاڪم علي جاکرو  پريس ڪلب ٻيلو ۾ دانهيندي چيو ته  اسان گهر جي ڪم سان ٻاهر ويل هئاسين گهر ۾ عورتون موجود هيون انهن ٻڌايو ته  ڏينھن ڏٺي جو  4 نامعلوم ماڻھون گھر  جي پٺين پاسي کان گهر کي باھ ڏئي فرار ٿي ويا هنن ٻڌايو ته   گھر ۾ چار نياڻين سميت پٽن جي  ڏاج جو سامان 30   ٽيھ مڻ ساريون ڪيش  رقم ، سونا زيور سڀ سامان سڙي رک ٿي ويو  ھنن وڌيڪ چيو اسان جي ڪنھن سان  ڪابه  دشمني ناهي  ھنن دانهيندي چيو اسان سان ظلم ٿيو آهي.  ھنن وس وارن کان  اپيل ڪئي آھي تہ سندن مالي مدد ڪئي وڃي    هنن وزيراعلي سنڌ  آء جي سنڌ  ۽ وس وارن کان مطالبو ڪيو آهي ته واقعي ۾ ملوث جوابدار گرفتار ڪري انھن کي سخت کان سخت سزا ڏني وڃي ۽ اسان جي ٿيل نقصان جو ازالو ڪيو وڃي هوڏنهن واقعي جي اين سي ٻيلو ٿاڻي تي داخل ڪئي وئي آھي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.