ٿاڻو بولا خان ۾ رسول بخش درس ۽ در محمد پالاري جي ياد ۾ ميڙاڪو

ٿاڻوبولاخان ( ن ع آ ) سنڌي ادبي سنگت ڪوهستان ايٽ ٿاڻو بولاخان پاران پريس ڪلب ۾  سنڌ جي  ٻن اهم شخصيتن اديبن ليکڪن ڪهاڻيڪارن رسول بخش درس ۽ در محمد پالاري جي وڇوڙي تي تعزيتي  ميڙاڪو سڏايو ويو، جنهن جي صدارت اي ڊي ايف جي سرواڻ شيخ عبدالله ڪوهستاني ڪئي تعزيتي ميڙاڪي ۾ قل پڙهي سندن بخشش لاءِ دعا گهري وئي ۽ کين زبردست ڀيٽا پيش ڪري خراج تحسين پيش ڪيو ويو تعزيتي ميڙاڪي کي خطاب ڪندي اي ڊي ايف جي سرواڻ شيخ عبدالله ڪوهستاني سنڌي ادبي سنگت ڪوهستان جي سيڪريٽري شاعر مسڪين مانجهو خاصخيلي سماجي  شخصيت لال بخش حملاڻي صحافي سرور خاصخيلي صحافي پرويز ميمڻ صحافي سهيل ميمڻ صحافي محب خاصخيلي الرحمن جي اڳواڻ معشوق حملاڻي شاعر خان سرائي شاعر جمال الدين پالاري بابو گيهي مل المهراڻ جي اڳواڻ محمد حنيف خاصخيلي اختر حسين پالاري محمد صديق خاصخيلي ۽ ٻين چيو ته رسول بخش درس ڪيترائي ڪهاڻين جا ڪتاب لکيا ان سان گڏ هن ڪوهستان جي مهان شخصيتن تي پڻ ڪتاب لکيو ان سان گڏ موسيقي جو وڏو ڄاڻو هو موسيقي جي ٻڌڻ جو  وڏو شوقين هو. رسول بخش درس ۽ درمحمد پالاري جي ايم سيد جا دوست هئا ساٿي هئا جي ايم سيد جا پوئيلڳ هئا هي ٻئي مهمان نواز هئا . هي حق سچ چوڻ وارا مزاحمتي ڪردار هئا ان موقعي تي صحافي شهباز عمراڻي سنڌ ميمڻ اتحاد جي ربنواز ميمڻ پاڪستان  پيس ڪائونسل جي گهنشام داس سامناڻي رفيق خاصخيلي حنيف خاصخيلي کانسوا۽ ٻين شخصيتن شرڪت ڪئي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.