گهوٽڪي ۾حددخلين خلاف ڪارروائيون، اڏاوتون ڊاهي پٽ

گهوٽڪي (ڊ ر) سي ايم او ميونسپل  گهوٽڪي نادر شاھ امروٽي ،ايڊ منسٽريٽر ميونسپل ڪاميٽي گهوٽڪي پوليس جي ڇهن موبائل گاڏين سان گڏ گهوٽڪي شهر ۾ ٿيل انڪروچمينٽ خلاف گهوٽڪي شهر جي اسٽيشن روڊ کان هڪ ڪرين ساڻ ڪري آپريشن شروع ڪيو  جنهن ۾ ڪيترن ئي دوڪانن جا دڪا ڊاهي پٽ ڪيا ويا ۽ بااثرن جا دڪا نه ڊاٿا ويا، گهوٽڪي جي قادرپور جي روڊ سرڪاري باغ ،دڪانن جا دڪا به پٽ ڪيا ويا ، افسوس ٿيو غريبن جا بينر پٽ ڪرڻ سان ڪهڙي ڪرپشن بند ٿيندي؟ ،  انڪروچيمينٽ ڏيکارڻي آهي ته ڊاڪٽر فياض ميڊيڪل تي ڇو نٿي ڏيکاري وڃي حق سچ چوڻ لاءِ ڪير ڪونهي هرڪو ڏاڍي جو ساٿ ڏئي پيو جيڪو افسوس جوڳو عمل آهي شهر ۾ انڪروجمينٽ ۽ ٽريفڪ آزار ريڙهي مافيا جي خلاف ميڊيا تي شهرين جي شڪايت جو آخر ڪار سرڪار نوٽيس ورتو اڄ کان باقاعده ڪلين گهوٽڪي لاءِ آپريشن شروع اسان انتهائي مشڪور آهيون.  اي سي گهوٽڪي ماجد علي ماڪو سي ايم او گهوٽڪي سيد نادر امروٽي ڊي ايس پي گهوٽڪي حافظ عبدالقادر چاچڙ صاحب جنهن ذاتي دلچسپي وٺي قانون جي حڪمراني برقرار رکڻ لاءِ سخت ايڪشن وٺي رهيا آهن، ان موقعي تي شهري اتحاد جي اڳواڻن ڳالهائيندي چيو ته شهر ۾ حدخلين جو آزار وڌي ويو آهي شهر جي مک روڊن تي ٽريفڪ جام رهي ٿي جنهن جي ڪري شهرين کي وڏي تڪليف آهي هنن شهر مان حد دخلين جي آزار کي ختم ڪرڻ واري قدم جي آجيان ڪندي انتظاميه کي پنهنجي سهڪار جو يقين ڏياريو ان موقعي تي اسٽنٽ ڪمشنر ۽ ميونسپل ايڊمنسٽريٽر ماجد علي ماڪو گڏجاڻي ۾ ڳالهائيندي چيو ته دڪاندار ٽن ڏينهن اندر پاڻمرادو حد دخلين جي آزار کي ختم ڪن بي صورت ۾ شهر ۾ آپريشن شروع ڪري حد دخلين جي آزار کي ختم ڪرايو ويندو هن چيو ته شهري گهوٽڪي شهر کي صاف سٿرو رکڻ لاءِ انتظاميه سان تعاون ڪن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.