ٺارو شاهه لڳ پوليس چڙهائي، فائرنگ، هڪ جوابدار گرفتار

ٺاروشاهه (ن ع آ )چار ڏينهن اڳ ڀريا ڀرسان نامعلوم هٿيار بند ايوب مستوئي کان ڦر ٿيل ڪار  جي هٿ لاء ڳوٺ تي چڙهائي   علائقي کي ڪڙو ڳوٺاڻن ۽ پوليس ۾ چڪريو  گهر گهر تلاشي فائرنگ پوليس مبينا مقابلي بعد ڪار هٿ ڪري ورتي هڪ جوابدار گرفتار  17 جوابدارن خلاف ايف آئي آر درج خبر موجب ضلع نوشهرو فيروز جي 7 ٿاڻن جي پوليس ڀڊي ايس پي ڀريا  عبدالستار اڄڻ جي اڳواڻي ۾  ٺاروشاهه ڀرسان ڳوٺ آسا پور ۾ چڙهائي ڪري ڳوٺ کي ڪڙو چاڙهي ڇڏيو جڏهن ته پوليس زبردستي گهر گهر مان تلاشي ورتي جنهن تي ڳوٺاڻن ۽ پوليس ۾ چڪريون ٿيو ڳوٺاڻا مورچا بند ٿي ويا ڳوٺاڻن ۽ پوليس ۾ فائرنگ ڪئي ويئي جڏهن ته پوليس 17 ڄڻن تي  ايف آء داخل ڪئي آهي.  جڏهن ته پوليس جو اهو چوڻ هئو ته چار ڏينهن اڳ هٿياربند ڀريا ڀرسان ڳوٺ ڪوڙو ميمڻ وٽان نامعلوم هٿيار بند ايوب مستوئي کان هڪ نئي ڪار ڦر ڪري فرار ٿي ويا جڏهن پوليس خفيه اطلاع ملڻ تي ڳوٺ آساپور ۾ چڙهائي ڪري مبينا مقابلي بعد ڦر ٿيل ڪار هٿ ڪري ورتي آهي جڏهن پوليس هڪ جوابدار نور سهتو کي گرفتار ڪري ورتو آهي

لاڙڪاڻو پوليس اغوا ٿيل ٻارڙو هٿ ڪري ورتو، وارثن حوالي

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻو پوليس اغوا ٿي ويل تازول ڄاول ٻارڙي کي هٿ ڪري وارثن حوالي ڪري ڇڏيو، ٻارڙي جي والدين جا چهرا ٻهڪي پيا، ٻارڙي کي چميون ڏيندي پيار ڪندا رهيا، وارثن طرفان پوليس جو شڪريو ادا ڪيو ويو، ڳوٺ پهچڻ تي ٻارڙي کي ڏسڻ لاءِ مٽ مائٽن جي رش، کين مبارڪون ڏنيون ويون. ان سلسلي ۾ مليل معلومات موجب لاڙڪاڻي شهر جي شيخ زيد وومين اسپتال مان گذريل 30 ڊسمبر جي رات وارهه جي ڳوٺ ڳڻ واهڻ واسي پورهيت دلشاد چانڊيو پنهنجي گهر واري ممتاز خاتون کي ويم جي لاءِ شيخ زيد وومين اسپتال داخل ڪرايو جتي ساڳي ئي رات دير سان عورت کي ڌيءُ جي اولاد ٿي جڏهن ته ڪجهه ڪلاڪن بعد نامعلوم عورت تازو ڄاول ٻارڙي کي اغوا ڪري کڻي فرار ٿي هئي اهڙي واقعي جو ايس ايس پي لاڙڪاڻو مسعود احمد بنگش نوٽيس ورتو بعد ۾ اهڙو ڪيس حد جي سچل ٿاڻي تي ٻارڙي جي پيءُ دلشاد چانڊيو جي فرياد تي ٻن عورتن سميت چئن جوابدارن مٿان داخل ڪرايو ويو هو، ڪيس داخل ٿيڻ کان پوءِ پوليس طرفان ايس پي هيڊڪوارٽر محمد ڪليم ملڪ جي اڳواڻيءَ ۾ ٽي رڪني جاچ ڪاميٽي جوڙي هئي جنهن وارڊ جا سي سي ٽي فوٽيجز هٿ ڪري معاملي جي جاچ شروع ڪري جاچ دوران پوليس وارثن مٿان ٻارڙي کي گم ڪرڻ جو الزام لڳايو ويو هو جڏهن ته ٻارڙي جي وارثن طرفان اسپتال انتظاميه مٿان الزام لڳايو ويو ته ٻارڙي کي اسپتال جي دائي اغوا ڪيو آهي اهڙي معاملي کان پوءِ گذريل رات دير سان لاڙڪاڻو پوليس اسپتال مان اغوا ٿي ويل ٻارڙي کي ڪنڌڪوٽ مان بازياب ڪرائي ورتو ڪالهه صبح جو اي ايس پي لاڙڪاڻو احمد فيصل چوڌري طرفان بازياب ڪرايل تازول ڄاول ٻارڙي کي وارثن حوالي ڪيو ويو جنهن تي وارثن ٻارڙي کي ڏسي خوشان وچان چميون ڏيندا رهيا ۽ لاڙڪاڻو پوليس جو شڪريو ادا ڪرڻ بعد اي ايس پي سٽي ۽ ٻين عملدارن کي گلن جا هارا پارايا. هوڏانهن پورهيت دلشاد چانڊيو پنهنجي گهر واري ۽ تازو ڄاول ٻارڙي کي ساڻ ڪري ايمبولينس ۾ ڳوٺ روانو ٿي ويو جتي پورهيت جا گهر ڀاتي توڙي مٽ مائٽ وڏي تعداد ۾ پهتا جن پورهيت کي مبارڪون پڻ ڏنيون.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.