سيوهڻ ۾ درگاهه ۽ درسگاهون بندرکڻ خلاف علامتي بک هڙتال

سيوھڻ ( رپورٽ: خالد ميمڻ ) ڪرونا وائرس جي خطري سبب لعل شهباز قلندر جي درگاھون ۽ درسگاھون بند ٿيڻ رکڻ خلاف جدوجھد ڪميٽي جي سڏ تي متاثر شھرين پاران ڪالھه 15ھين ڏينهن به درگاهه قلندر جي  قديم علم پاڪ آڏو احتجاج جو سلسلو جاري رکندي علامتي بک ھڙتال ڪئي وئي دوڪاندارن شھرين ۽ مختلف ڪاروبار ڪندڙ ريڙھي مزدورن ريسٽ هائوس مالڪن حڪومتي فيصلي خلاف سخت نعريبازي ڪئي. ان موقعي تي خطاب ڪندي اڪبر ملاح, اصغر ڪوريجو, محبوب چانڊيو, محمد بخش رند, سيد عاشق حسين شاھ ڪاظمي، احسان رند ۽ ٻين چيو ته درگاھ قلندر جي مزار کي کوليو وڃي ته قلندر جي درگاھ بند ٿيڻ ۽ زائرين جي آمد نه ٿيڻ ڪري دڪاندار ۽ شھري بک ۽ بدحالي جو شڪار ٿي ويا آهن ۽ سندن گھرن ۾ فاقاڪشي پيدا ٿي وئي آهي. هنن چيو ته اولياءُ الله جون مزارون ڏکن ۽ دردن جي ماريل بيوس ماڻهن جي دعائن جا در آهن.، جن کي بند ڪري ماڻهن کي وڌيڪ ذهني پريشانين ۾ مبتلا ڪيو ويو آهي،. گڏو گڏ تعليمي ادارا بند ڪري معصوم ٻارڙن ۽ شاگردن کي تعليم جھڙي زيور کان محروم ڪري سندن تعليمي مستقبل تباھ ڪيو پيو وڃي. هنن سنڌ حڪومت کان مطالبو ڪيو ته ايس او پيز تحت تعليمي ادارا ۽ قلندر شھباز سميت سنڌ ۾ بند پيل درگاهون کوليون وڃن ته جيئن سيوھڻ جا شھري معاشي پريشانين کان بچي سگھن ٻي صورت ۾ احتجاج جو سلسلو جاري رکيو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.