ڊکڻ ۾ مچ واقعي خلاف احتجاج، ريلي ڪڍي ڌرڻو

ڊکڻ ( ن ع آ) ڊکڻ ۾ بلوچستان جي مچ واري علائقي ۾ هزاره برادري جي پورهيتن جي بي رحماڻي قتل خلاف مجلس وحدت  المسلمين پاران احتجاجي مظاهرو،دهشتگردي نامنظور جي نعرن جي زوردار نعريبازي،خبر موجب ڊکڻ ۾ بلوچستان جي مچ واري علائقي ۾ هزاره برادري جي 11 پورهيتن جي بي رحماڻي قتل خلاف سيد حسنين شاهه، بهادر ابڙو، محبوب علي،بهادر علي،مستنصر مهدي،قدير مهدي جي اڳواڻي ۾  بئنر هٿ ۾ کڻي  وڏي علم پاڪ کان پريس ڪلب ڊکڻ تائين  احتجاجي مظاهرو ڪيو،مظاهرين مظاهري دوران دهشتگردي نامنظور جي نعرن جي زوردار نعريبازي ڪري رهيا هئا. ،ان موقعي تي مظاهرين جو چوڻ هو ته بلوچستان جي مچ واري علائقي ۾ پورهيو ڪندڙ 11 مزدورن کي بيگناھ بي رحماڻي نموني قتل ڪري ظلم ڪيو ويو آهي،واقعي جي جاچ ڪري ملوثن لي ڪيفرڪردار تائين پهچايو وڃي،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.