ڌاٻيجي ۾واٽر بورڊ انتظاميا پاران آپريشن، رهواسين جي مزاحمت

ڌاٻيجي ( ن ع آ ) ڌاٻيجي واٽر بورڊ  پمپ هاوس ڪالوني تي سنڌ هائي ڪورٽ جي حڪم تي  اي سي ساڪرو سجاد ابڙو،ڊي ايس  پي مقامي انتظامي سان ملي ڪري واٽر بورڊ ڌاٻيجي جي ڪالوني جي گهرن تي ويٺل غير قانوني ماڻھن کي گهر خالي ڪرائڻ جي ڪوشش  ڪئي ته سوين ماڻھن انتظاميا کي گهيري ورتو ڪنهن به وڻندڙ واقعي کي منهن ڏيڻ نفري گهٽ ھئڻ ڪري انتظاميا نالي ماتي ڪاروائي واپس موٽي وئي انهي موقعي تي اي سي ساڪرو سجادابڙو  صحافين سان ڳالهيندي چيو ته سنڌ هائي ڪورٽ جي حڪم تي سڄي سنڌ مان سرڪاري جڳهن تان قبضا خالي ڪرايا پيا وڃن جنهن ڪري اسان پاران ڌاٻيجي پمپ هاوس واٽر بورڊ جي ڪالوني تي ڪاروائي ڪري 64سرڪاري  گهرن مان 8گهرن کي خالي ڪرايو ويو آھي.  ٻئي پاسي اي سي ساڪرو جي ڪاراوئي کي پيپلز واٽر بورڊ يونين جي اڳواڻن معشوق لغاري رستم ڪاتيار رد ڪندي چيو ته نالي ماتر ڪاروائي ڪري بااثرن جا گهر بچائي ڪري مظلوم ماروئڙن جا خالي ڪرايا ويا آھين جنهن کي اسان نورا ڪشتي سمهجون ٿا ۽ ان ڪاروائي کي مڪمل طور تي رد ٿا ڪريون ۽ اسان ڊي سي ٺٽو ۽ واٽر بورڊ جي انتظاميا کان گهر ڪندي چيو ته فوري طور تي نالي ماتر ڪاروائي ڪندڙن خلاف نوٽس وٺي ٻئي صورت ۾ عوام سان گڏجي ڀر پور احتجاجي تحريڪ هلائي ويندي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.