لاڙڪاڻي مان کنڀي گم ڪيل انصاف دايو آزاد نه ٿيو، وارث سراپا احتجاج

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻي مان کنڀي گم ڪيل پورهيت نوجوان انصاف دايو جي آزاديءَ لاءِ سندس وارثن نوجوان جي تصويرن وارا بئنر کڻي پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪندي علامتي بک هڙتال ڪئي. ان موقعي  تي نوجوان جي ڀينرن اقصيٰ دايو ۽ افسانه دايو ته اسان جي درزي ڀاءُ انصاف دايو کي 29 مئي 2017ع تي لاڙڪاڻي شهر جي نظر محلا مان کنڀي گم ڪيو ويو هو جنهن جو اڄ ڏينهن تائين ڪو به ڏس پتو نه پئجي سگهيو، انصاف دايو نظر محلا ۾ درزي جو دڪان هلائي گهر ڀاتين جو پيٽ پاليندو آهي هو ڪنهن به منفي سرگرمي ۾ ملوث ناهي ۽ نه ئي سندس مٿان ڪو ڪيس داخل آهي پر ان جي باوجود کيس کنڀي گم ڪري اسان سان ظلم ڪيو ويو آهي جنهن جي کنڀجڻ بعد اسان جي گهر ۾ ڪهرام متل آهي. هنن سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس، چيف آف آرمي اسٽاف سميت ٻين وس وارن کي اپيل ڪئي ته کنڀي گم ڪيل انصاف دايو کي آزاد ڪرائي گهر ڀاتين ۾ ڇانيلي بيچيني ختم ڪئي وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.