نوابشاهه ۾ نوجوان جو ڀاءُ جي گم ٿيڻ خلاف احتجاج

نوابشاهه(ڊر) ضلعي خيرپور شھر پڪا چانگ جي رھواسي نوجوان محمد عيسيٰ شر نوابشاهه پريس ڪلب پھچي احتجاج ڪندي چيو  آهي ته منھنجو وڏو ڀاءَ عبدالرزاق شر گذريل 3 مھينن کان گم ٿي ويو آھي ڪافي ڳولا جي باوجود به اسان کي ملي نه سگھيو آھي، ھن چيو ته منھنجي ڀاءُ جو ذھني توازن سھي آھي پھريان به ڪيترائي ڀيرا نڪري ويو ھو ليڪن وري واپس اچي ويندو ھو ليڪن ھاڻي ڪافي عرصو گذرڻ باوجود واپس نه اچي سگهيو آھي، ھن چيو ته منھنجو والد غلام مرتضي انتھائي پريشان آھي ۽ بيمار ٿي پيو آھي، ھن وس وارن کان مطالبو ڪيو ته منھنجي ڀاءُ جي ڳولا ۾ منھنجي مدد ڪئي وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.