گهوٽڪي لڳ 3 ٻارن سميت اغوا ٿيل عورت اڃا قيد، وارثن جو احتجاج

گهوٽڪي ( ڊ ر ) گھوٽڪي ,شھر جي بگو واھ واري مان اڍائي سال اڳ مبينا طور ٽن ٻارن سميت  اغوا ٿي ويل سڪينا ٽانوري جي بازيابي لاء ٽانوري برادري جي ماڻھن امام بخش عرف پپو ٽانوري,زيب علي ٽانوري , ربنواز ٽانوري,حاجي شاھن ٽانوري,۽ ٻين  پريس ڪلب گھوٽڪي پھچي احتجاجي مظاھرو ڪندي دانھيندي چيو ت  اڍائي سال اڳ بگي واھ واري علائقي مان سڪينا زال امام بخش ٽانوري کي ٽن معصوم ٻارن تيرھن  ورھين جي شڪيلا ٽانوري,يارھين  ورھين جي انم ٽانوري,۽ 9 ورھين جو محمد حسن ٽانوري اغوا ٿي ويا ھئا پر اڍائي سال گذرڻ باوجود پوليس ڪو ب پتو ن لڳائي سگھي آھي ۽ ن وري انھن جي بازيابي لاء ڪي جوڳا قدم کنيا ويا آھن ,مظاھرين دانھيو ت ڳولا کان پوء پتو پيو آھي ت ڪچي واري علائقي گدا اسٽاپ وٽ عبدالرشيد ميراڻي وٽ قيد ٿيل آھن جنھن جي پٿڀرائي با اثر ماڻھو آدم ميراڻي ڪري رھيو آھي.  مظاھرين دانھيو ت مغوين جي بازيابي لاء ميراڻي برادري جا با اثر ماڻھو ڏھ لک رپيا ڀنگ طلب ڪري رھيا آھن ,ڀنگ ن ڏيڻ جي صورت ۾ مغوين کي قتل  ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏيئي رھيا آھن . مظاھرين دانھيو ت ڪچو ٻنڊي پوليس کي ب اھڙو اطلاع ڏنو ويو آھي پر پوليس ب  اسان جي ڪا ب مدد نٿي ڪري,ظاھرين وس وارين اعلي اختيارين  ڊي آء جي سکر ,۽ ايس ايس پي گھوٽڪي کان گھر ڪئي ته معاملي جو نوٽيس وٺي معصوم نينگرين سميت مغوين کي بازياب ڪرايو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.