ڪوٽڙي مان هٿيارن جي زور تي ناري اغوا

ڪوٽڙي (ت ر  ) ڪوٽڙي اسٽين روڊ واري علائقي ۾ ٽي نامعلوم ھٿياربند ھڪ 15 سالا ناري نبيرا يوسف ذئي کي ھٿيارن جي زور تي  اغوا ڪري ويا ڪوٽڙي پوليس ناري جي پيءُ اسد الله يوسف زئي جي فرياد تي ٽن نامعلوم ھٿياربندن مٿان سندس ڌي کي اغوا ڪرڻ جو ڪيس داخل ڪري ورتو آھي، داخل ڪيل ڪيس ۾ فريادي ڄاڻايو آھي ته سندس ڌي ساھڙي جي گھران واپس اچي رھي ھئي ته ٽي نامعلوم ھٿياربن سندس ڌي کي ھٿيارن جي زور تي اغوا ڪري ويا آھن، ھوڏانھن ڪوٽڙي پوليس موجب ڪيس داخل ڪري جانچ شروع ڪري ڇڏي آھي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.