گولاڙچي ۾ عدالت حڪم تي انتظاميا جي ڪارروائي، 4 ڳوٺ ڊاهي پٽ

گولاڙچي ( رپورٽ: عيدن زيندپور ) گولاڙچي ڀرسان چڪ نمبر ٻه ۾ پٺاڻ ۽ نھڙيو برادري ۾ زميني تڪرار جو عدالتي فيصلي کانپو۽ عدالت جي حڪم تي مختيارڪار گولاڙچي ڏھ پوليس موبائلن جي مدد سان  ڪارروائي ڪندي چار قديم ڳوٺ ابراھيم نھڙيو،خميسو نھڙيو سميت ٻين کي بلڊوزر وسيلي ڊاھي پٽ ڪري ڇڏيا،ان موقعي تي پنھنجي اکين اڳيان پنھنجا گھر پٽ ٿيڻ مھل ڌرتي ڌڻي بيوسي جي تصوير ٻڻيل رھيا.جڏنھن ته انتظاميه کي معصوم ٻارڙن توڙي نياڻين جي ايلازن تي ڪو رحم نه آيو انتظاميه ڪارروائي دوران ويھه کان وڌيڪ گھر ڊاھي پٽ ڪري ڇڏيا.جڏنھن ته بي گھر ٿيل متاثرين سخت سردي ۾ کليل آسمان ھيٺ گذارڻ تي مجبور آھن.ھوڏانھن متاثرين گھر ڊاھي خلاف ڳوٺ خميسو نھڙيو اڳيان مين روڊ تي احتجاج ڪندي ڌرڻو ھنيو.ان موقعي تي متاثرين جو چوڻ ھو ته اسين گذريل پنجاھ سالن کان آباد آھيون عدالت قبضو ڄاڻائي اسان جا گھر ڊاھي اسان کي بي گھر ڪري ڇڏيو آھي. جڏنھن ته زمين مالڪ ا فتخار پٺاڻ چيو ته زمين اسان جي اٻاڻي آھي نھڙين زوري قبضو ڪيو ھو عدالت جو ٿورائتو آھيان جو مون کي منھنجو حق مليو.مختيار ڪار گولاڙچي ٻڌايو ته عدالت جي حڪم جي پيروي ڪندي زمين خالي ڪرائي آھي.واضع رهي  ته پٺاڻ ۽ نھڙيو برادري ۾ گذريل ٻارنھن سالن کان مالڪي جو تڪرار ھلندڙ ھو

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.