سکر ۾گئس جي بدترين لوڊشيڊنگ، رهواسي سراپا احتجاج

سکر( رپورٽ:اظهر علي دايو) سکر ۾ گئس جي بدترين لوڊشيڊنگ ۽ پريشر گھٽ هئڻ خلاف شهرين جو احتجاجي مظاهرو، سياسي سماجي تنظيمن جا اڳواڻ شريڪ، ان سلسلي ۾ سکر جي مختلف علائقن  ۾ گئس جي اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ ۽ گھٽ پريشر هئڻ خلاف سکر ڊولپمينٽ الائنس جي سڏ تي مختلف واپاري، سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن شهزادو ڀٽو، غلام مصطفيٰ ڦلپوٽو، نصير گوپانگ، فقير امام دين، نعيم بلوچ، ڊاڪٽر سعيد اعواڻ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ گھنٽا گھر تي احتجاجي مظاهرو ڪري سخت نعريبازي ڪئي، ان موقعي تي اڳواڻن جو چوڻ هو ته سئي گئس انتظاميا جي هٺ ڌرمي جي ڪري شهر ۾ گئس جو پريشر انتهائي گھٽجي ويو آهي.  رڌ پچاءُ وارن وقتن ۾ گئس جو پريشر گھٽ ڪري گھريلو صارفين کي پريشان ڪيو پيو وڃي، جنهن ڪري روزگار تي ويندڙ ماڻهون ۽ نوڪري پيشا بغير ناشتي ۽ کاڌي پيتي جي پنهنجي ڪمن ڪارن ڏانهن وڃڻ تي مجبور آهن. هنن مطالبو ڪيو ته آهي ته گئس پريشر گھٽ هئڻ واري معامري جو نوٽيس وٺي ضابطو آڻي رهواسين کي رليف فراهم ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.