سنڌ جي زرعي معيشت جي تباهي ۽ آبادگارن جون گُهرجون

تحرير: ايڊيٽوريل

سنڌ بنيادي طور تي هڪ زرعي معيشت وارو پرڳڻو آهي، صدين کان ان جي عوام جو گذر سفر زراعت سان لاڳاپيل جنسن جي اپائڻ ۽ انهن جي کپت سان واڳيل رهيو آهي، اڄ به سنڌ جي عوام جي اڪثريت جو گذر سفر  زرعي جنسن جي اپت ۽ کپت تي آهي توڻي جو اڄ سنڌ، ايڪويهين صديءَ ۾ هلي رهي آهي ۽ دنيا جي اڪيچار ملڪن جي ماڻهن پنهنجي معاشي ذريعا يا ته مڪمل طور تي مٽائي ڇڏيا آهن يا وري جزوي طور تي تبديل ڪيا آهن، جنهن جو مقصد ٿيندو هڪ ئي قوم هڪ ئي وقت زرعي سماج ۾ زندگي گذاري رهي آهي ۽ ان سان گڏوگڏ مشيني ڪارخانيدار دور ۾ پڻ پير پائي چڪي آهي، پر سنڌ سماج جي آباديءَ جو نوي سيڪڙو اڄ به زرعي معيشت تي دارو مدار رکي ٿو، جنهن ڪري مجموعي طور تي سڄي قوم جي زندگيءَ جو دارو مدار زرعي معيشت تي آهي.

1947ع کان اڳ جڏهن ته سنڌو درياهه بنا روڪ ٽُوڪ جي هماليه جي ٽڪرين کان وهندي پنهنجو پاڻ کي سنڌ جي سمنڊ کي ارپي ڇڏيندو هو تڏهن سنڌ جي وچ مان هڪ سينڌ وانگر وهندو هو ۽ سنڌ جي هر ڪنڊ  ڪڙڇ جي آبياري ڪندو هو، پر هاڻي ايئن نه آهي، پاڪستان جي قيام بعد سنڌوءَ کي اڪيچار ڊيمن ۽ بندن م قيد ڪيو ويو آهي جنهن ڪري سنڌ جي زرعي معيشت تباهه ۽ برباد ٿيڻ شروع ٿي جيڪا هاڻي پنهنجي آخري پساهن تي پهتي آهي.

هن وقت سنڌ جي زرعي معيشت کي نه ته وقت تي پاڻي ٿو فراهم ڪيو وڃي ۽ نه ئي زرعي جنسن کي مناسب اگهه ٿا ڏنا وڃن، اهڙي صورتحال ۾ وري وفاقي حڪومت جي پاليسين ڪري سنڌ جي زرعي معيشت جي تابوت ۾ آخري ڪوڪو به هڻي ڪڍيو آهي.

سنڌ جي زراعت جي تباهيءَ جا رڳو اهي ئي ڪارڻ نه آهن، پر ان سان گڏوگڏ زرعي دوائن جي نقلي هجڻ، زرعي ٻجن جي نقلي هجڻ، زرعي ڀاڻ جي نقلي هجڻ، پڻ شامل آهي ۽ اهي ٽئي اسم سنڌ کي پنجاب جي واپارين کان ملن ٿا، ان بعد جڏهن سنڌ جا آبادگار زرعي جنسون اپائن ٿا ته انهن کي مناسب اگهه ملي ٿو ۽ نه ئي مناسب مارڪيٽ ملي ٿو، اهڙي صورتحال ۾ وري ظلم اهو آهي ته جڏهن سنڌ جي آبادگارن جون اپايل جنسون مارڪيٽ ۾ اچن ٿيون ته ان ئي وقت وفاقي حڪومت پاڙيسري ملڪن مان اهي ئي جنسي گهرائي ڪراچيءَ کان وٺي سڄي سنڌ مارڪيٽ ۾ فراهم ڪري ٿي ۽ نتيجي ۾ سنڌ جي آبادگارن جون اپايل جنسون ٻنين ۾ کي خراب ٿي وڃن ٿيون ۽ آبادگار مالي ۽ معاشي طور تي تباهه ۽ برباد ٿي وڃن ٿا.

سنڌ زرعي سماج ۽ زرعي معيشت جي تباهه هڪ اهڙي ڳجهارت بڻيل آهي جنهن جو حل ويجهڙ ۾ ڏسڻ ۾ نه ٿو اچي. زرعي معيشت جي تباهيءَ ڪري هاڻي سنڌي سماج جهڙوڪر بدترين معاشي بحران جي ور چڙهي ويو آهي جنهن ۾ هاڻي شدت ايندي پئي وڃي، اهڙي صورتحال ۾ سنڌ جي آبادگارن جي تنظيم سنڌ آبادگار بورڊ جي اڳواڻن جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن وفاقي حڪومت سنڌ جي آبادگارن جي مالي سهائتا نه ڪئي ۽ زرعي جنسن جا جائز ۽ مناسب اگهه نه ڏنا ته هوند سنڌ مڪمل طور تي تباهه ٿي ويندي.

اسان ماضي ڏسي چڪا آهيون ته سال 2019-2020 دوران پيل برساتن ڪري سڄي سنڌ جي آبادگارن کي اربين روپين جو نقصان پيو، سنڌ جا اٺ ضلعا ته سنڌ حڪومت پاڻ آفت سٽيل قرار ڏنا جنهن ۾ آبادگارن جي مجموعي نقصان جو ڪاٿو 200- ارب روپيا لڳايو ويو  ايڏي وڏي نقصان هوندي به حڪومت آبادگارن جي ٽڪي جي مدد نه ڪئي، ان بعد ڪڻڪ جي پيداور جو مناسب اگهه مليو ۽ نه ئي ڪمند جو اگهه مليو، هاڻي جڏهن سنڌ ۾ ٽماٽن، بصرن ۽ پٽاٽن جو فصل لٿو حڪومت اهي ٽئي جنسون ايران ۽ هندستان مان گهرائي ورتيون، جنهن ڪري نه صرف سنڌ جي آبادگارن کي نقصان ٿيو پر ان سان گڏوگڏ ملڪ کي پرڏيهي مٽا سٽا واري ناڻي جو نقصان پڻ ٿيو، گذريل سالن ۾ پڻ اهڙي قسم جي حڪمت عملين ڪري ملڪ کي 78- ارب روپين جو نقصان پهچي چڪو آهي.

مٿي جيڪا صورتحال بيان ڪئي وئي آهي، ان جو مقصد رڳو اهو آهي ته وفاقي حڪومت سميت سنڌ حڪومت جو ان ڳالهه ڏانهن ڌيان ڏيارجي ته آخر ڪار سنڌ جي زرعي معيشت کي تباهه ۽ برباد ڪرڻ جي اهڙن عملن کي ٻنجو ڪير ڏيندو ، ڇا وفاقي حڪومت نه ٿي چاهي ته سنڌ جي زراعت ترقي ڪري، ڇا وفاقي حڪومت نه ٿي چاهي ته بجاءِ پرڏيهه مان زرعي جنسون درآمد ڪرڻ جي سنڌ ۾ آپايل زرعي جنسن کي پرڏيهه وڪڻي ناڻو ڪمائي جنهن سان سنڌ جي آبادگارن کي پڻ مالي فائدو ٿيندو ۽ ملڪ جي خزاني ۾ پڻ پرڏيهي مٽا ساٽا واري ناڻي جي ذخيري ۾ اضافو ٿيندو.

هن موقعي تي اسان سنڌ آبادگار بورڊ جي اهڙي مطالبي جي پڻ پوئواري ڪنداسين جنهن ۾ سنڌ جي آبادگارن گهر ڪئي آهي ته گذريل ٻوڏن ۾ سنڌ جي ٻوڏ سٽيل علائقن ۽ آفت سٽيل قرار ڏنل ضلعن ۾ زرعي ٽيڪس  معاف ڪيا وڃن، وچولي ۽ ننڍن آبادگارن جي قرض معاف ڪيا وڃن، سنڌ ۾ ڪڻڪ جي امپورٽ بند ڪري سنڌ جي ڪڻڪ کي مناسب اگهه ڏنو وڃي، آبادگارن کي بنا وياجي قرض ڏنا وڃن، واهن ۽ شاخن جون کاٽيون ڪرايون وڃن، ۽ متاثر علائقن جا ٽن مهينن تائين بجليءَ جا بل معاف ڪيا وڃن.

اسان هن موقعي تي سنڌ حڪومت کي پڻ اها ئي گذارش ڪنداسين ته مهرباني ڪري سنڌ جي زرعي معيشت کي بچائڻ ۽ ان کي ترقي ڏيارڻ لاءِ ڪا مناسب ذريعي پاليسي جوڙي وڃي جو اڳي پوءِ اها ذميواري سنڌ حڪومت جي آهي، جيڪا سنڌ حڪومت کي بهتر نموني پوري ڪرڻ گهرجي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.