قمبر ۾ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي سالگرهه جي موقعي تي ڪيڪ ڪاٽيو ويو

قمبر( ڊ  ر) پ پ پ تعلقي قمبر طرفان به شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي 93سالگرھ جي موقعي تي تعلقي آفيس قمبر ۾ سالگرهه جو  ڪيڪ ڪٽيو ويو ان موقعي تي اڳواڻن مجيب الرحمان ڀٽو اڪبر جهنڊيل شعبان علي شيخ ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ايشيا جو ڏاهو ۽ دلير عوامي اڳواڻ هيو جنهن عوام کي سياسي شعور ڏنو ۽ هڪ منظم سياسي پارٽي پ پ جو بنياد رکي عوام کي هڪ خدمت جو نظريو ڏنو پاڪستان پيپلز پارٽي شھيد ڀٽو سٽي قمبر طرفان ملڪ جي پهرين چونڊيل وزير اعظم شھيد ذوالفقار علي ڀٽو جي 93سالگرھ تي 10 پائونڊن جو ڪيڪ قمبر پريس ڪلب ۾ ڪامريڊ شوڪت چانڊيو عرفان گوپانگ محمد جان بروھي زاھد بروھي منظور بروھي بشير کوسو طفيل سانگاھ يونس چانڊيو اياز ميرجت علي رضا وسيم چانڊيو اربيلو گوپانگ ياسر چانڊيو امجد ڦل احسان ٻرڙو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڪيڪ ڪٽيو ويو ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته شھيد ذوالفقارعلي ڀٽو بين الاقوامي ليڊر ھو جنھن پاڪستان ۾انقلاب آندو پاڪستان جو دفاح مظبوط ڪيو .

ٽنڊي آدم ۾ شهيد ذوالفقار علي ڀٽي جي سالگره تي تقريب

ٽنڊوآدم ( ت ر  )  ٽنڊوآدم ۾ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي 93 هين سالگرھ ملهائي ويئي ڪيڪ ڪاٽي ڀيٽا پيش ، پ پ اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جي وڏي تعداد ۾ شرڪت  رپورٽ موجب ٽنڊوآدم ۾ پ پ تعلقه  ۽ سٽي ٽنڊوآدم  پاران پيپلز پارٽي جي باني شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي 93 هين سالگرهه ورياھ هائوس تي ملهائي ويئي جنهن ۾ پ پ جي عهديدارن تاج محمد ورياھ، ، محمد آچر ساند  سميت ڪارڪنن جي وڏي انگ شرڪت ڪئي ان موقعي تي اڳواڻن ۽ ڪارڪن سالگرھ جو ڪيڪ ڪاٽيو ۽ تقريب کي خطاب ڪندي اڳواڻن  شهيد ذوالفقار علي ڀٽو کي ڀِيٽا پيش ڪندي چيو ته شهيد ڀٽو ملڪ ۽ غريب عوام لاءِ سڄي حياتي جدوجهد ڪئي ملڪ کي آئين ڏنو، قاديانين کي ڪافر قرار ڏنو  عالم اسلام کي گڏ ڪرڻ لاءِ اسلامي سربراهي ڪانفرنس منعقد ڪئي.   ۽ غريب ۽ مسڪين ماڻهن کي روزگار ڏنو سندس نالو اڄ به زندھ آهي ۽ رهندو ۔

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.