ايس يو پي پاران سائين جي ايم سيد جي سالگره جي تقريب جون تياريون شروع

گلشن اقبال (ن ع آ ) ايس يو پي پاران جيئي سنڌ تحريڪ جي باني سائين جي ايم سيد جي 117 هين سالگرھ جون تياريون شروع، سالگره واري رات سن ۾ مشعل  بردار ريلي نڪرندي، 17 جنوري تي عظيم الشان جلسو ٿيندو، سنڌ ۽ بلوچستان جا سياسي اڳواڻ شريڪ ٿيندا، ايس يو پي پاران دعوتون ڏيڻ جو سلسلو شروع. پارٽي ترجمان پاران جاري ڪيل بيان موجب سائين جي ايم سيد جي سالگره جي موقعي تي سنڌ يونائيٽڊ پارٽي پاران 17 جنوري تي منجهند جو 12 وڳي سن ۾ سالگره گرائونڊ تي عظيم الشان جلسو منعقد ڪيو ويندو جنهن ۾ سنڌ ۽ڀبلوچستان جا ناميارا قوپرست اڳواڻ ۽ دانشور سائين جي ايم سيد جي شخصيت، فڪر ۽ ڪردار تي روشني وجهندا. جڏهن ته جلسي کان اڳ سالگرھ واري رات روايت موجب سن شهر ۾ مشعل بردار ريلي ڪڍي سڄي شهر جو گشت ڪيو ويندو. پڌرائي موجب پارٽي پاران جلسي جون تيارين سان گڏ سياسي اڳواڻن توڙي دانشورن کي دعوتون ڏيڻ جو سلسلو شروع ڪيو ويو آهي.

ٽنڊي محمد خان ۾ پ پ ڪارڪن شهيد ڀٽي جي سالگره تقريب ڪوٺائي

ٽنڊو محمد خان ( ڊ ر) ٽنڊو محمد خان ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي پاران فخر ايشيا شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي 93هين سالگرھ تقريب بخاري هائوس تي ملهائي ڪيڪ ڪاٽيو ويو ، جنهن ۾ پ پ ايم پي اي ضلعي صدر سيد اعجاز شاھ بخاري ، اڳوڻي ضلعي صدر ايم پي اي حاجي محمد امين لاکو ، ضلعي انفارميشن سيڪريٽري ڊاڪٽر ميرحسن ملاح ۽ ٻين گڏجي ڪيڪ ڪاٽي تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ملڪ جو پهريون چونڊيل وزيراعظم هو ، جنهن ملڪ کي آئين ڏيئي وڏيرڪي نظام کي هميشه لاءِ ختم ڪري ڇڏيو .

پکي ۾ شهيد جمهوريت قائد عوام ذوالفقار علي ڀٽو جي سالگرهه تقريب

پکو( ن ع آ)  پ پ جيالن قائد عوام شھيد ذوالفقار علي ڀٽو جي جنم ڏينھن تي ڪا به تقريب منعقد نه ڪئي , پارٽي عھديدارن  ۽ ورڪرن شھيد قائد جي يوم پيدائش کي وساري ڇڏيو , يوسي جي سطح تي ڪو به پروگرام نه ٿيڻ تي سڄاڻ ڌرين ۾ مايوسي ڇانيل , جنھن پارٽي پنھنجي قائد کي وساري ڇڏيو آھي ان سياسي اڳواڻن مان ڪھڙي اميد رکجي , ملڪ کي ايٽمي طاقت بخشيندڙ شھيد ذوالفقار علي ڀٽو کي جنم ڏينھن تي ياد نه ڪرڻ افسوس جھڙو عمل آھي : سڄاڻ ڌريون رپورٽ موجب پکو ۾ شھيد قائد ذوالفقار علي ڀٽو جي جنم ڏينھن پنج جنوري تي ڪا سالگرھ تقريب منعقد نه ڪئي وئي.  ان حوالي سان پاڪستان پيپلز پارٽي جي بانيڪار قائد عوام شھيد ذوالفقار علي ڀٽو جي 93 ھين يوم پيدائش تي پارٽي اڳواڻن ۽ ورڪرن سالگرھ لاءّ ڪو به پروگرام منعقد نه ڪيو اھڙي طرح علائقي سڄاڻ ڌرين ۽ شھيد جي چاھيندڙن ڳڻتي سان گڏ افسوس جو اظھار ڪيو آھي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.