اوٻاوڙو لڳ رانوتي پوليس جي ڪاروائي، ڏوهاري گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ 

اوٻاوڙو ( ن ع آ ) اوٻاوڙو ايس ايس پي عمرطفيل جي سخت ھدايتن تي رانوتي پوليس جي ڪاروائي  ڏوهاري گرفتار ڪرڻ جي دعوا  تفصيل موجب ايس ايس عمر طفيل جي سخت ھدايتن تي رانوتي پوليس خفيا اطلاع تي اي ايس آء عبدالعزيز  ملھڻ ڪاروائي ڪندي ڳوٺ رنگپور جي رھواسي شمن عرف شمون ولد جوت علي ڪوش کي  محمدپور لنڪ روڊ نزد ٽڳ شاخ وٽان گرفتار ڪري ورتو جيڪو ڪرائم نمبر 93/2020 دفعه 324.353 ت پ ۽ ٿاڻو رانوتي۽ ڪرائم نمبر 59/ 2020 دفعه 380.457 ت پ ٿاڻو ريتي تي ڪيسن ۾ گهربل هو جيڪو بغير لائسنس واري سنگل بيرل بندوق ۽ 5 ڪارتوسن سميت گرفتار ڪري ورتو آهي پوليس گرفتار ملزم شمن عرف شمون ولد جوش علي ڪوش کي ٿاڻي تي وٺي آئي ۽ سندس خلاف بغير لائسنس سنگل بندوق ۽ ڪارتوس رکڻ جي ڏوھ ۾  ڪرائم نمبر 01/2021 دفعه سنڌ آرمز ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪري ورتو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.