مٺياڻي لڳ پيءُ جي پٽ تي فائرنگ، نوجوان زخمي

مٺياڻي (ن ع آ ) مٺياڻي جي ڪچي واري علائقي سرڪاري بنگلي سامهون داد واه وٽ گهرو اڻبڻت تان پي پاران پٽ کي بندوق جو  فائر ڪري سخت زخمي ڪري ڇڏيو . تفصيل موجب مٺياڻي جي ڪڇي واري علائقي فريد ديرو ٿاڻي جي حد ۾ سرڪاري بنگلي سامهون داد واه وٽ گهرو اڻبڻت تان پيرسن محمد پريل کوسو  پنهنجي سڳي 40 سالا پٽ علي حسن کوسو کي ٽنگ ۾ گولي هڻي سخت زخمي ڪري ڇڏيو.   . زخمي نوجوان کي مٺياڻي رورل هيلٿ سينٽر آندو ويو جتان کيس نوشهروفيروز ريفر ڪيو ويو آخري اطلاع تائين ڪابه گرفتاري نه ٿي سگهي هئي نه ئي ڪيس داخل ٿي سگهيو هو

غوثپور ۾چولياڻي برادري جي ٻن ڌرين ۾ تڪرار آزار بڻيل

غوثپور ( ن ع آ ) ڳوٺ امام بخش چالياڻي ۾ گذريل 10 سالن کان وٺي چولياڻي برادري جي ٻن ڌرين ۾ زمين جي مالڪي تان  هلندڙ تڪرار کي ختم ڪرڻ لاءِ ڪشمور ضلعي جي ڪنهن به علائقي جي چڱن مڙسن وڏيرن جھيڙي کي ختم ڪرڻ لاءِ ڪي به جوڳا اپاءَ نه ورتا جھيڙي جي ڪري هزارين زمين غير آباد بڻيل ڪيترائي ماڻهو روپوش واري زندگي گذارڻ تي مجبور ٻن ڌرين ۾ ڇڪتاڻ تيز ٿي وئي ڌريون مورچا بند ٻن ڌرين جا 3 ماڻهو قتل ٿيڻ کان پوءِ ڪنهن به چونڊيل نمائندن يا پوليس آفيسرن جھيڙي کي ختم ڪرڻ لاءِ نوٽيس نه ورتو ويو علائقي واسين صوبائي وزير مير شبير علي خان بجاراڻي سردار محبوب علي خان بجاراڻي کان مطالبو ڪيو آهي ته چولياڻي برادري جي ٻن جي وچ ۾ ھلندڙ پراڻو تڪرار کي ختم ڪرائي معصوم ٻارڙن جي زندگي بچائي وڃي رابطو ڪرڻ تي بابو چولياڻي چيو ته اسان جي ٻن ڌرين ۾ 10 سالن کان وٺي تڪرار هلندڙ آهي.  اسان فيصلو ڪرڻ لاءِ تيار آهيون اسان پنهنجو فيصلو صوبائي وزير مير شبير علي خان بجاراڻي ۽ سردار محبوب خان بجاراڻي وٽ فيصلو ڪرڻ جي لاءِ تيار آهيون ايس ايس پي ڪشمور امجد شيخ کان مطالبو ڪيو ته ٻن ڌرين کي فيصلي جي لاءِ پابند بڻايو وڃي

ڳڙهي ياسين ۾معرفاڻي ۽ منگراڻي ڌرين ۾تڪرار جو نبيرو

ڳڙهي ياسين (ن ع آ) ڳڙهي ياسين ڀرسان ڳوٺ حبيب ۾ منگراڻي ۾ منگراڻي  هائوس تي سردار شفقت خان منڱراڻي جي سرپئنچي هيٺ معرفاڻي برادري جي ٻن ڌرين مور معرفاڻي ۽ منير معرفاڻي ۾ڪارنهن جو نبيرو ٿيو ، جنهن ۾ منير معرفاڻي واري ڌر مٿان ڏوهه ثابت ٿيڻ تي ڪارنهن جا 5 لک روپيه ڏنڊ وڌو ويو جڏهن ته عورت کڻي وڃڻ جا اڍائي لک ڏنڊ وڌو ويو ، منير معرفاڻي جي ڌر مور معرفاڻي کي 50 هزار ٿڏي تي ادا ڪيا ويا جڏهن ته 50 هزار معاف ڪيو ويو ، باقي رهيل رقم 6 لک 50 هزار ٻن قسطن ۾ ادا ڪرڻ جي فتوهه ٻڌائي وئي ، ڌرين کي پاڪ ڪتاب تي هٿ رکرائي کيرکنڊ ڪيو ويو ، هوڏانهن ڌرين جا مشير رئيس قادربخش معرفاڻي ۽ سيد عرفان شاهه جن هئا ، هوڏانهن رانجهو معرفاڻي ۽ غلام حسين معرفاڻي جي ڌرين ۾ ڪارنهن تڪرار جو پڻ نيبرو ٿيو جنهن ۾ رانجهو معرفاڻي جي ڌر مٿان ڏوهه ثابت ٿيڻ تي 5 لک 50 هزار ڏنڊ وڌو ويو.  ، رانجهو معرفاڻي واري ڌر غلام حسين معرفاڻي واري ڌر کي ڏنڊ جي رقم مان 50 هزار ٿڏي تي ادا ڪيا ويا جڏهن ته 50 هزار معاف ڪيا ويا ، باقي رهيل ڏنڊ جي رقم 4 لک 50 هزار ٻن قسطن ۾ ادا ڪرڻ جي فتوهه ٻڌائي وئي ، ڌرين کي پاڪ ڪتاب تي هٿ رکرائي کيرکنڊ ڪيو ويو .

ڪنڌڪوٽ ۾ قاتل کي 24 سالن بعد عمر قيد جي سزا

ڪنڌڪوٽ(ن ع آ)ڪنڌڪوٽ ۾ عدالتي فيصلو جوابدار کي 24 سالن بعد عمر قيد ۽ 5  لک ڏنڊ جي سزا ٻڌائي وئي ڪنڌڪوٽ جي فسٽ ايڊيشنل سيشن جج ماڊل ڪرمنل ٽرائيل ڪورٽ سهيل احمد جتوئي جي عدالت جوابدار رحمت الله پٽ پيرجان سندراڻي بگٽي مٿان قتل جو ڏوه ثابت ٿيڻ تي عمر قيد ۽ 5 لک ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي آهي جوابدار رحمت الله پٽ پيرجان سندراڻي بگٽي 1996ع تي دودو ٽٻو ڀٽائي ڪالوني واري علائقي ۾ مقتول اميرهان سندراڻي کي ڪلاشنڪوف جا بسٽ هلائي قتل ڪيو هو جنهن بعد حد جي پوليس جوابدار کي گرفتار ڪري مٿس فريادي محمد حيات سندراڻي جي فرياد تي ڪيس داخل ڪيو هو ۽ جوابدار خلاف ڪورٽ ۾ ڪيس هلندڙ هو ۽ اهڙي ڪيس جي اڄ ٻڌڻي ٿيندي جوابدار کي عمر قيد ۽ 5 لک ڏنڊ جي سزا ٻڌائي وئي آهي.  جوابدار کي سزا ملڻ بعد سينٽرل جيل منتقل ڪيو ويو آهي

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.