نيب، اپوزيشن، حڪمران ۽ نئون عمراني معاهدو

تحرير: نور محمد ڪلهوڙو

ملڪ ۾ ٿڌ وارو موسم به پنهنجي عروج تي آهي، رڪارڊ ڪيو ويو هو، ملڪ ۾ مهانگائي، بيروزگاري، ڪورونا وبا به پنهنجي عروج تي آهن ته مٿان وري پاڪستان جو سياسي گرمي پد وارو پارو وري تمام گهڻو گرم آهي.

پاڪستان جهڙي گهڻ مسئلي ملڪ ۾ امن امان، روزگار، صنعت، زراعت، ماهيگيري سميت انيڪ مسئلا آهن، جن جي حل لاءِ ڪنهن وٽ ڪهڙو پروگرام آهي، اهي عوام تائين ناهي پهچي سگهيو، ملڪ جون سموريون سياسي ڌريون پنهنجا پنهنجا پروگرام پيش ڪري چڪيون آهن، پر انهن مان عوام کي ڪو خاص لاڀ ناهي ملي سگهيو، جنهن جي نتيجي ۾ ئي پاڪستان ۾ اڪثر پاڻي، بجلي، گيس، کنڊ، اٽي ۽ ٻين عام واهپي جي شين جيان سياسي بحران به رهندو آيو آهي ۽ برقرار آهي، هميشه ملڪ ۾ اقتداري ڌر مخالف ڌر کي آڻ مڃائڻ جي ڪوشش ڪندي رهي آهي، پر هن ڀيري وري ڪيترين ئي آزمائشن مان نڪتل ۽ پچي راس ٿيل مخالف ڌر ميدان ۾ آهي ته پهريون ڀيرو مرڪزي حڪومت ۾ حڪمراني ڪندڙ پاڪستان تحريڪ انصاف جنهن ۾ به پراڻا سياستدان جيڪي سياست جي گُرن کان چڱي ريت واقف آهن اهي شامل آهن.

سو ان حوالي سان مان ڳالهه اڳتي وڌائيندس ته سال جي پهرين ڏينهن تي لاهور لڳ رائيونڊ جي جاتي امراءَ ۾ مخالف ڌر جي وڏي ويهڪ هئي، جنهن ۾ ملڪ جي سياسي صورتحال تي غور ويچار ڪيو ويو ته ايندڙ ضمني چونڊن توڙي سينيٽ چونڊن تي ويچاريو ويو، جنهن ۾ حڪومت کي خالي ميدان نه ڇڏڻ ۽ لانگ مارچ ڪرڻ جو فيصلو 19 جنوري تي اليڪشن ڪميشن آفيس آڏو مظاهرن جو اعلان ڪيو، نيب آفيس آڏو به احتجاج ٿيندو، 2020ع جي آخري ڏهاڙن 29 ڊسمبر اڱاري ڏينهن تي مسلم ليگ نواز جي مرڪزي اڳواڻ ۽ اڳوڻي وفاقي وزير خواجه آصف کي وري پارٽي جي گڏجاڻي بعد نيب پاران گرفتار ڪيو ويو هو.

جڏهن ته پي ٽي آءِ جا سرڪار جو اڃان به رويو جارحاڻو آهي ۽ وزير اعظم عمران خان پنهنجي پارٽي اڳواڻن کي تاڪيد ڪندو رهيو آهي ته مخالف ڌر خلاف جارحاڻو رويو اختيار ڪيو وڃي ۽ انهن کي ڀرپور جواب ڏنو وڃي، انهي ڪري مخالف ڌر کي منهن ڏيڻ لاءِ تحريڪ انصاف جي وفاقي سرڪار حڪمت عملي تبديل ڪندي عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد کي گذريل سال 12 ڊسمبر تي ريلوي واري وزارت جو قلمدان واپس وٺي گهرو کاتي جو قلمدان سونپيو هو، ان حوالي سان ڇنڇر واري ڏينهن 2 جنوري 2021ع تي طورخم دوري جي موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد احمد چيو چوڻ هو ته سياسي پارٽيون سياست جي آزادي آهي پر عسڪري قوت خلاف آزادي ناهي، نوازشريف کي واپس آڻڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، مولانا فضل الرحمان جو پلان مخالف ڌر کي بند گهٽي ۾ وٺي وڃڻ جو آهي. وزير شيخ رشيد چيو ته پيپلزپارٽي جو سينيٽ اليڪشن ۾ حصو وٺڻ خوشي جي ڳالهه آهي، اميد ته ن ليگ به سينيٽ اليڪشن ۾ حصو وٺندي، گهرو وزير جو چوڻ هو ته 6 فيبروري تي نواز شريف جو پاسپورٽ ۾ واڌ نه ٿيندي، رد تصور ٿيندو، نواز شريف کي وطن واپس آڻڻ لاءِ پوريون ڪوششون ڪيون پيون وڃن، برطانوي حڪومت سان ڪو به معاهدو ناهي ٿيو، عمران خان مافيا جي خلاف اگهاڙي ترار کڻي وڙهي پيو، اٽي چورن خلاف به وڙهي رهيو آهي، هن سال مهانگائي ختم ڪري ساهه کڻنداسين، هو 5 سال پورا ڪندو.

رائيونڊ ۾ اجلاس کانپوءِ ڳالهائيندي مولانا فضل الرحمان چيو هو ته حڪومت مهيني ۾ استعيفا نه ڏني ته لانگ مارچ ٿيندو،  اسان طئي ڪنداسين ته لانگ مارچ اسلام آباد طرف ڪجي يا راولپنڊي ڏانهن ڪيو وڃي، اسان اسٽيبلشمينٽ ۽ فوجي قيادت کي ڌانڌلي جو ڏوهاري سمجهون ٿا. فضل الرحمان چيو ته اسان ان ڳالهه تي متفق آهيون ته پاڪستان کي هڪ ڊيپ اسٽيٽ بڻائي هتان جي اسٽيبلشمينٽ پوري نظام کي يرغمال بڻائي ڇڏيو آهي، عمران خان هڪ مهرو آهي، جنهن کي ڪوڙي حڪومت قائم ڪري مڙهيو ويو. فضل الرحمان چيو ته پي ڊي ايم جي فيصلي تحت 31 ڊسمبر تائين سمورين پارٽين جي ميمبرن پارٽي قيادت وٽ استعيفائون پهچائي ڇڏيون آهن، اهو هڪ هدف مڪمل ٿي ويو آهي، هن چيو ته محمد علي دراني ملاقات ۾ قومي ڊائلاگ جو فلسفو بيان ڪيو، اسان جواب ڏنو ته اهو امڪان کان ٻاهر آهي، ڳالهيون نه ٿينديون. مريم نواز جو چوڻ هو ته پي ڊي ايم ۾ جيڪڏهن سڀني ۾ اتفاق ٿيو هو ته سينيٽ چونڊون وڙهنداسين ۽ جيڪڏهن اتفاق نه ٿيو ته نه وڙهنداسين، لانگ مارچ لاءِ موسم ۽ پنهنجي ڪارڪنن کي به ڏسڻو آهي.

اصل ڳالهه پاڪستان ۾ جيڪا ٿي آهي اها آهي آئين تي عملدرآمد جي مخالف ڌر به اهو ئي چئي رهي آهي ته آئين تي عملدرآمد ڪيو وڃي، ادارن کي آئين حدن اندر رهي ڪري ڪم ڪرڻ گهرجي، ته مٿان حڪومت به اهو ئي چئي رهي آهي ته ادارا آئيني حدن اندر رهي ڪري ڪم ڪري رهيا آهن، پر حڪومت توڙي مخالف ڌر عوام آڏو واضح موقف نه رکڻ جي ڪري ئي هڪ ٻئي سان الجهيل آهن، تنهن جي ڪري ئي ته مولانا فضل الرحمان رائيونڊ واري اجلاس ۾ بعد ميڊيا سان ڳالهين دوران ڊيپ اسٽيٽ وارو لفظ استعمال ڪيو آهي، جنهن جو مطلب ته ملڪ ۾ صورتحال تمام گهڻي خراب آهي.

ٻئي طرف وري سنڌ ۾ وري متحدا سان ملاقات بعد پي ٽي آءِ جو وفد فردوس شميم نقوي، حليم عادل شيخ ۽ خرم شير زمان  تي ٻڌل متحده کانپوءِ ٻي اتحادي جماعت فنڪشنل ليگ وٽ پهچي سرداررحيم سان ملاقات ڪئي، جنهن ۾ ننڍي چونڊ ۾ گڏيل اميدوار آڻڻ، سميت فنڪشنل ليگ پاران آدمشماري، ٻيٽن سميت مختلف خدشن کان تحريڪ انصاف جي وفد کي آگاهه ڪيو،

جڏهن ته پي ٽي آءِ جي وفاقي حڪومت مخالف تحريڪ ۾ ساٿ لاءِ پيپلز پارٽي جا قومپرست پارٽين سان رابطا تيز ڪندي نثار احمد کهڙو سنڌ ترقي پسند پارٽي جي سربراهه ڊاڪٽر قادر مگسي سان ملاقات ڪئي. جنهن دوران وفاقي سرڪار پاران 18هين ترميم جي خاتمي وارين ڪوششن، آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي کي گهٽ ظاهر ڪرڻ، ٻيٽن تي والار، اين ايف سي ايوارڊ ۽ پاڻي جي منصفاڻي ورڇ نه ٿيڻ سميت اهن مامرن تي گڏيل جدوجهد ڪرڻ تي اتفاق ڪيو.

جماعت اسلامي جي  امير سراج الحق چيو آهي ته پاڪستان تحريڪ انصاف ۽ پاڪستانڊيمو ڪريٽڪ موومنٽ  (پي ڊي ايم) جي پاليسين ۾ ڪو به فرق ناهي. هن چيو ته حڪومت جي نااهلي ۽ ناڪامي سبب زندگي جو هر شعبو تباهه ٿي ويو آهي، اڄ نواز شريف جو پاسپورٽ ضبط ٿيندو ته سڀاڻي ڪنهن ٻئي جو به ٿي سگهي ٿو.

جڏهن ته وزير اعظم عمران خان جو چوڻ آهي ته احتساب کان پوئتي نه هٽنداسين ۽ احتساب وارو عمل جاري رهندو.

مخالف ڌر جون پي ڊِي ايم ۾ شامل سموريون سياسي پارٽيون وري ان ڳالهه تي متفق آهن ته پي ٽي آءِ جي وفاقي سرڪار جي خاتمي لاءِ هر قسم جو احتجاج جو طريقو استعمال ڪيو ويندو، پوءِ اهو پارليامينٽ ۾ هجي يا پارليامينٽ کان ٻاهر روڊن تي هجي، پر تحريڪ انصاف جي حڪومت جي خاتمي يا نين چونڊن تائين احتجاجي تحريڪ جاري رکڻ جو چئي رهيا آهن.

مان سمجهان ٿو ته مخالف ڌر به صرف ۽ صرف احتجاج احتجاج کيڏي رهي آهي ۽ کيڏندي، ڇو ته ڪووڊ-19 کان پوءِ جيڪو گذريل سال 2020ع ۾ دنيا ۾ آيو پاڪستان ۾ به داخل ٿيو واري صورتحال سڄي دنيا جي پاڪستان جي معاشي صورتحال کي به تمام گهڻو نقصان پهچايو آهي، جنهن جي ڪري ملڪ ۾ حد کان وڌيڪ غربت ۾ واڌ ۽ بيروزگاري ۾ واڌي ٿي آهي، اهو ئي سبب آهي ته مخالف ڌر جون سموريون پي ڊي ايم ۾ شامل 11 جماعتون خاص ڪري وڏيون جماعتون اقتدار ۾ تڪڙ ۾ نه اينديون ۽ اهي حڪومت جا پنج سال پورا ڪرڻ لاءِ پيون مختلف طريقن سان ڪڏهن روڊن تي لانگ مارچ ته ڪڏهن اسيمبلي ايوانن ۾ احتجاج پيون ڪنديون.

هاڻ وري هي عمران معاهدي طرف ويندا، ۽ مختلف حلقه ان طرف اشارو ڪري رهيا آهن ته نئون عمراني معاهدو ٿيڻ گهرجي ته جيئن گهڻ قومي ملڪ پاڪستان جو وفاقي سسٽم برقرار رهي سگهي، پر ان ۾ ڪيترائي مسئلا درپيش آهن انهن ۾ آزاد ڪشمير، گلگت بلتستان ۽ سرائيڪي صوبي جو به معاملو ٽنگيل هجڻ جي ڪري نئين عمران معاهدي تي وڌيڪ اڳڀرائي نه ٿي رهي آهي ۽ نه ئي ملڪ جون وڏيو سياسي پارٽيون ان حوالي سان ڪو سنجيدگي جو مظاهرو ڪري رهيون آهن، پر اهي به حالتن کي ڏسندي نئين عمراني معاهدي بابت به وقتن به وقت زير بحث آڻيندا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.