سال 2021ع جي آمد

تحرير: خليق ميمڻ

نئين سال جي آمد ٿي چڪي آهي، پوئين سال ۾ ڪورونا جي تباهيءَ ۽ يورپ ۽ آمريڪا ۾  لاڪ ڊائون هجڻ ڪري نئين سال جي آمد جي خوشي اوتري ٿيندي نظر نه آئي  جيتري هر سال ملهائي ويندي آهي.  نئون سال پاڻ سان گڏ اميدون سان گڏ الاهي تبديليون پڻ  کڻي آيو آهي، هتي آئون ڪجهه نئين سال ۾ ٿيندڙ تبديلين جي ڳالهھ ڪرڻ چاهيان ٿو. نئين سال جي اچڻ سان دنيا ۾ پهرين ۽  وڏي تبديلي بريگزيٽ يعني برطانيا يورپي يونين سان چاليھه  سال گڏ رهڻ کان پوءِ هاڻ يورپي يونين کان ٻاهر نڪرڻ جي ٿي آهي. جنهن جو مطلب آهي ته هن سال کان برطانيا پنهنجي آزادا پاليسي اختيار ڪندي دنيا جي ڪنهن به ملڪ سان معيشيت سميت مختلف معاملن ۾ آزاديءَ سان فيصلا ڪري سگهي ٿو جيڪو پهرين ڪرڻ ممڪن نه هيا.

دنيا اندر سال جي ٻي وڏي تبديلي ويھه جنوري تي ايندي، جڏهن آمريڪا جو نئون صدر جوزيف بائيڊن حلف کڻي آمريڪا جون 46 هون صدر بڻجي ذميواريون سنڀاليندو، جنهن سان صدر ٽرمپ جي پاپولسٽ سياست جي وائيٽ هائوس مان تڏا ويڙ ٿيندي. صدر بائيڊن جي اچڻ سان سڄي دنيا اندر نئي اميدون رکڻ جو سلسلو جاري آهي چيو پيو وڃي ته صدر بائيڊن پنهنجي تجربي ۽ روايتي آمريڪي صدر جيان پوري دنيا ۾ ٻيهر آمريڪا جي ساک کي بحال ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو ۽ ٽرمپ جا ڪيل بڳاڙ درست ڪندو. جنهن ۾ سڀ کان پهرين پئرس معاهدي ۾ واپسي، ايران نيوڪليئر ڊيل کي ٻيهر ڪرڻ سميت ٽرمپ جا ڇڏيل معاهده ٻيهر بحال ڪرڻ سان گڏوگڏ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀارتي فوج جي ٿيندڙ ظلم جو نوٽس پڻ  وٺڻ جي اميد ڏيکاري پئي وڃي.

دنيا کي ڇڏي جيڪڏهن پاڪستان. جي رڳو  ڳالھه ڪجي ته پاڪستان اندر گذريل سال جي سيپٽمبر  ۾ جوڙيل مخالف سياسي جماعتن جو اتحاد پاڪستان ڊيموڪريٽڪ مومينٽ نئين سال اندر حڪومت لاءِ نوا چيلينجز کڻي اچي رهيو آهي، جنهن لاءِ سياسي اڳڪٿيون ڪندڙ چئي رهيا آهن ته مخالف ڌر ۽ حڪومت جي هن ويڙهه جو نتيجو مارچ ۾ سينيٽ جي چونڊن تائين نڪرڻو آهي، تنهن ڪري ايندڙ ٽئي مهينا پاڪستان اندر سياسي حوالي کان تمام گهڻا اهم آهن. ٻيو حڪومت لاءِ وڏو چئلينج ڪورونا وبا کي منهن ڏيڻ آهي.

پاڪستان جي حڪومت گذريل سال نومبر مهيني ۾ ڪرونا ويڪسين خريد ڪرڻ لاءِ 150 ملين ڊالر مختص ڪيا آهن. جنهن جي پاڪستان جي وزيراعظم عمران خان پڻ منظوري ڏئي ڇڏي آهي. ويڪسين جي اچڻ کان اڳ حڪومت اهو پڻ فيصلو  ڪري چڪي آهي ته ويڪسين کي ڪيئن ۽ ڪهڙي  طرح لڳايو وڃي. هلندڙ سياري دوران جيڪڏهن ڪورونا ويڪسين پهچي ٿي وڃي ته حڪومت کي جيڪو سڀ کان پهرين مسئلو پيش ايندو اهو ويڪسين جي استعمال جو آهي تنهن ڪري حڪومت جو ويڪسين جي اچڻ کان اڳ تيار رهڻ گهرجي ۾ هن کي عمل کي  سنجيده وٺندي پنهنجي حڪمت عملي جوڙي پر جهڙي طرح پي ٽي آءِ حڪومت جي ڪرونا کان اڳ ۽ پوءِ جي ڪاڪردگي رهي آهي تنهن ڪري پي ٽي آءِ حڪومت مان گهڻي سنجيدگيءَ جي اميد ڪونهي، تنهن هوندي به عام عوام حڪومت ڏانهن واجهائڻ کان سوا ٻيو ڇا ڪري.

نئين جي سال آمد سان دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾  جتي ڪورونا جي ويڪسين لڳائڻ جو عمل شروع ٿيو چڪو آهي اتي وري برطانيا ۾ ڪورونا جي نئين قسم جي اچڻ جون خبرون به سامھون اچي رهيون آهن پر هاڻي ان کي به قابو ڪرڻ جو ٻڌايو پيو وڃي جيڪا هڪ سٺي خبر آهي. نئين سال ۾  معيشيت به آهستي آهستي بحال ٿي رهي آھي. ايترين مشڪلاتن جي باوجود اسان کي ڪڏهن به مايوس نه ٿيڻ گهرجي ۽ نئين سال کي ڀرپور انداز سان منصوبابندي ڪري گذارڻ گهرجي. ڇو ته ھڪ ڳالهھ واضع آهي ته نئون سال گذريل سال کان گهڻو  بهتر رهڻو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.